رڪڻ ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو****سنڌ جي نئين سر تعمير لاءِ سنڌين کي ايس ٽي پي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: ڊاڪٽر قادر مگسي****ملير: گڏاپ مان هٿياربند صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پٽ کي اغوا ڪري ويا****نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو
سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ مهندر سنگهه ڌوني ۽ يووراج سنگهه کي ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ مهندر سنگهه ڌوني ۽ يووراج سنگهه کي ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ سليڪشن ڪاميٽي طرفان ڪي ايل راهول ۽ منيش پانڊي کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، تجويز ۾ ٻنهي جا نالا ڌوني ۽ يووراج جي جاءِ تي شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ڪپتان ويرات ڪوهلي طرفان سليڪشن ڪاميٽي جي فيصلي جي مخالفت ڪئي وئي آهي، ويرات ڪوهلي جو چوڻ آهي ته مهندر سنگهه ڌوني ۽ يووراج سنگهه کي ڊراپ ڪرڻ سان ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽنگ متاثر ٿيندي.