رڪڻ ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو****سنڌ جي نئين سر تعمير لاءِ سنڌين کي ايس ٽي پي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: ڊاڪٽر قادر مگسي****ملير: گڏاپ مان هٿياربند صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پٽ کي اغوا ڪري ويا****نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو
پهرين مدد ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هئاسين، هاڻ وفاق جي بقا لاءِ تعاون ڪري سگهون ٿا: پيرپاڳارو

ڪراچي (رپورٽ: مجيد عباسي) حرن جي روحاني پيشوا ۽ مسلم ليگ ف جي سربراهه پيرپاڳاري چيو آهي ته وفاق سان گڏ ۽ ان جو حامي آهيان ۽ پاڪ فوج وفاق جي علامت آهي، وفاق جي بقا ۽ استحڪام لاءِ سڀني سان گڏجي هلڻ لاءِ تيار آهيون، منهنجي اها پراڻي خواهش آهي ته مسلم ليگ جا سمورا ڌڙا متحد ٿي وڃن، مون کي ڪوبه عهدو نه گهرجي، جيڪڏهن قيادت لاءِ پنجاب مان به ڪير اڳيان اچي ته اسان کي اهو قبول هوندو، پهرين اسان ڪنهن جي مدد ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هئاسين، پر هاڻ حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ڪنگري هائوس ڀرپور سرگرمين جو مرڪز هوندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه شام جو ڪنگري هائوس ڪراچي ۾ ف ليگ سنڌ ڪائونسل جي هڪ اجلاس کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي ڪائونسل سردار عبدالرحيم کي پارٽي جو بنا مقابلي جنرل سيڪريٽري چونڊيو. اجلاس کي پير صبغت الله شاهه راشدي، سيد مظفر حسين شاهه، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نصرت سحر عباسي ۽ نئين چونڊيل جنرل سيڪريٽري عبدالرحيم خطاب ڪيو. پيرپاڳاري چيو ته سياسي حالتن کي ڏسي ڪري هاڻ آئون ڪنگري هائوس منتقل ٿي ويون آهيان ته جيئن سياسي ماڻهن ۽ پارٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان رابطا وڌايا وڃن. پهرين اسان پنهنجون سرگرميون ان ڪري محدود ڪري ڇڏيون هيون، ڇوته اسان ڪنهن جي مدد ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هئاسين. هن چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هن وقت فيڊريشن جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي، اسان پاڪستان سان محبت جي ڪري هميشه فيڊريشن جي ڳالهه ڪندا آهيون، ان جي سلامتي ۽ بقا لاءِ جنهن جو به تعاون حاصل ڪرڻو پوندو، اهو ڪنداسين، ان ڪم لاءِ آئون ماڻهن وٽ پاڻ هلي ڪري وڃڻ لاءِ تيار آهيان، هن چيو ته منهنجي هميشه اها خواهش رهي آهي ته سمورا مسلم ليگ هڪ پليٽ فارم تي متحد ٿي وڃن، مون کي ذاتي طور ڪنهن به عهدي جي لالچ ناهي. پير پاڳاري چيو ته 2013ع جي چونڊن ۾ مسلم ليگ ن جي ڪاميابي بعد مون نوازشريف ۽ شهباز شريف کي چيو هو ته هو مسلم ليگ کي متحد ڪن، پر هنن ان معاملي ۾ دلچسپي نه ڏيکاري. هن چيو ته آئون همت هارڻ ۽ مايوس ٿيڻ وارو ناهيان، اسان کي ماضي ڇڏي مستقبل کي ڏسڻ گهرجي، ڪجهه عرصو اڳ جڏهن بلاول ۽ آصف زرداري ضمني چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو هو، ان وقت اسان وفاقي وزير ريلوي خواجه سعد رفيق کي چيو ته اسان انهن تڪن تي پ پ جو مقابلو ڪنداسين، ڇوته گذريل عام چونڊن ۾ مخالف ڌر جي اميدوارن گڏيل طور پ پ جي اميدوارن کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، هن چيو ته پنجاب جي حڪومت پوءِ به پنهنجي صوبي جي ماڻهن لاءِ ڪم ڪيو آهي، پر سنڌ ۾ سواءِ ڪرپشن جي ڪو ڪم نظر نٿو اچي، ايندڙ چونڊن ۾ اسان پ پ جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين، مون گذريل عام چونڊن کان اڳ ئي اڳڪٿي ڪئي هئي ته پ پ ٽن صوبن مان آئوٽ ٿي ويندي، سنڌ ۾ به اها پئسي ۽ ڏنڊي جي زور تي چونڊون کٽيندي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو پ پ ۾ ويا آهن، اهي لالچ ۽ خوف جي ڪري ويا آهن، پر مون پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو آهي ته نه ڊڄندس ۽ نه وڪامجندس. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاناما ڪيس ٻاهرين ملڪ کان آيو، جيڪڏهن نوازشريف ان معاملي کي پارليامينٽ ۾ ئي رهڻ ڏئي ها ته هن کي اڄ اها صورتحال ڏسڻي نه پوي ها ۽ سندس عزت به بچي وڃي ها. ان موقعي تي پير صدرالدين شاهه راشدي چيو ته پارٽي کي عيدالاضحيٰ بعد ضلعي ۽ ڊويزنل سطح تي ڀرپور طريقي سان فعال ڪيو ويندو. سيد مظفر حسين شاهه چيو ته هاڻ ڪنگري هائوس ملڪي سياست جو اهم مرڪز بڻجندو. ٻئي طرف ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ڪالهه شام جو پيرپاڳاري سان فون تي رابطو ڪيو ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهايو، چوڌري شجاعت 16 آگسٽ تي ڪراچي اچي ڪنگري هائوس ۾ پيرپاڳاري سان ملاقت ڪندو.