رڪڻ ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو****سنڌ جي نئين سر تعمير لاءِ سنڌين کي ايس ٽي پي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: ڊاڪٽر قادر مگسي****ملير: گڏاپ مان هٿياربند صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پٽ کي اغوا ڪري ويا****نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو
نوازشريف ڏوهاري بڻجڻ وڃي پيو، عوام سندس مظلوميت کي رد ڪري ڇڏيو: عمران خان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مشاورتي اجلاس ۾ عمران خان چيو آهي ته عوام نواز شريف جو مظلوميت ڪارڊ رد ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف تي هاڻي فرد جرم به لڳڻ وڃي رهيو آهي، اڳوڻو وزيراعظم جوابدار مان هاڻي ڏوهاري بڻجڻ وڃي رهيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اجلاس ۾ چيو ته عوام نواز شريف جو مظلوميت ڪارڊ رد ڪري ڇڏيو آهي، سندس نواز شريف کي مخاطب ڪندي چوڻ هيو ته ميان صاحب اوهان تي فرد جرم لڳڻ وڃي رهيو آهي، اوهان جوابدار مان ڏوهاري بڻجڻ وڃي رهيا آهيو، سندس چوڻ هيو ته عوام کي نواز شريف جي چوري جو يقين ٿي ويو آهي، نواز شريف پنهنجي بيگناهي جو ڪو به ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي مشاورتي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو ته پاڪستان تحريڪ انصاف عدليه سان گڏ بيٺل آهي، اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي عدليه مخالف بيان جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي