رڪڻ ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو****سنڌ جي نئين سر تعمير لاءِ سنڌين کي ايس ٽي پي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: ڊاڪٽر قادر مگسي****ملير: گڏاپ مان هٿياربند صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پٽ کي اغوا ڪري ويا****نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو
اسيمبلي ميمبرن کي چونڊ مهم هلائڻ ڏني وڃي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چئيرمين شاهه محمود قريشي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار محمد رضا سان ملاقات ڪئي ۽ کيس درخواست ڪئي ته ضمني چونڊن ۾ اسيمبلي ميمبرن کي چونڊ مهم جو حصو بڻجڻ جي اجازت ڏني وڃي، چيف اليڪشن ڪمشنر تحريڪ انصاف جي ان درخواست کي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن ڏانهن قانون جي راءِ لاءِ موڪلي ڇڏيو آهي ۽ چئني ميمبرن جي قانوني راءِ کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر حتمي فيصلو ڏيندو. جڏهن ته تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 120 جي چونڊ مهم جي لاءِ جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي پڻ اعتراض واريو آهي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي پاران خط لکي اليڪشن ڪميشن کي چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف کي نوٽيفڪيشن جي پيرا پنج ۽ 6 تي اعتراض آهي، اليڪشن ڪميشن لڳي ٿو ته ڪنهن کي خاص فائدو پهچائڻ چاهي ٿي ڇو ته مخالف ڌر اڳواڻ وٽ ته ڪي به فنڊ ۽ وسيلا نه آهن.