رڪڻ ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو****سنڌ جي نئين سر تعمير لاءِ سنڌين کي ايس ٽي پي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: ڊاڪٽر قادر مگسي****ملير: گڏاپ مان هٿياربند صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پٽ کي اغوا ڪري ويا****نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو
وزيراعظم اسحاق ڊار کي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي سربراهي تان هٽائي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي چيئرمين جي عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سيڻ ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ جو اهم قدم کڻندي پاڻ کي چيئرمين بڻائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم پاران اقتصادي رابطا ڪميٽي جي جوڙجڪ جي منظوري کانپوءِ ڪابينا ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ اسحاق ڊار کي عهدي تان هٽايو ويو آهي ۽ هاڻي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو چيئرمين وزيراعظم پاڻ بڻجي ويو آهي ۽ سندس غير موجودگي ۾ ناڻي وارو وزير اجلاس جي صدارت ڪندو، نوٽيفڪيشن موجب اقتصادي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۾ واپار ۽ ٽيڪسٽائيل، مواصلات، صنعت ۽ پيداوار، قانون ۽ انصاف، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي، ريلوي، شماريات، آبي وسيلن ۽ نجڪاري ڪميشن جا وفاقي وزير ميمبر هوندا، نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي ۾ ريلوي ۽ مواصلات جي وزارتن کي شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽن نين وزارتن شماريات، نجڪاري ۽ آبي ذخيرن کي ڪميٽي جو حصو بڻايو ويو آهي. وزيراعظم جي ان فيصلي کانپوءِ واضح ٿي ويو آهي ته هو معاملن جي پاڻ نگراني ڪرڻ ٿو چاهي ۽ ڪنهن کي به ڇوٽ نٿو ڏيڻ چاهي.