رڪڻ ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو****سنڌ جي نئين سر تعمير لاءِ سنڌين کي ايس ٽي پي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: ڊاڪٽر قادر مگسي****ملير: گڏاپ مان هٿياربند صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پٽ کي اغوا ڪري ويا****نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو
ملڪي تاريخ ۾ جيڪو به وزيراعظم آيو ان کي ذليل ۽ خوار ڪري ٻاهر ڪڍيو ويو، آئون ماٺ ڪري گھر نه ويهندس: نواز شريف

گجرانوالا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ جي 70 ورهين جي تاريخ ۾ ڪنهن به وزيراعظم کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو، جيڪو به وزيراعظم آيو ان کي ذليل ۽ خوار ڪري ٻاهر ڪڍيو ويو، ڪنهن کي ڦاهي چاڙهيو ويو، ڪنهن کي جيل ۽ ڪنهن کي وري جلا وطن ڪيو ويو. آئون ماٺ ڪري گھر نه ويهندس. عوام جي محبت تي هو سندن ٿورائتو آهي، اصل فيصلو عوام جي عدالت ڪندي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ٽي مشن ريلي دوران گجرانوالا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته گجرانوالا واسيو نواز شريف اڄ اوهان جو مريد ۽ ممنون آهي، هن چيو ته جهڙيءَ ريت ڀرپور آجيان ڪئي وئي آهي، سڄي زندگي نه وساريندس، هن چيو ته عوام تمام گهڻي محبت ڏني آهي، جيڪو پيار اڄ مليو آهي، ان جو مثال نٿو ملي، هي پيار ۽ محبت ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندي آهي، خوش نصيب آهيان گجرانوالا واسي نواز شريف سان ايترو پيار ڪن ٿا، مان به ڪندو آهيان، مان گهر وڃي رهيو هئس ته مون کي گجرانوالا روڪي ورتو، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ججن جي بحالي لاءِ جڏهن لانگ مارچ گجرانوالا پهتو ته اعلان ٿيو ته ججز بحال ٿي ويا آهن، اڄ نواز شريف اوهان جي سامهون آهي، نواز شريف کي اوهان چونڊي وزيراعظم بڻايو هيو يا نه بڻايو هيو؟، نواز شريف کي اوهان وزيراعظم بڻايو هيو نه، اڄ نواز شريف کي انهن ڪڍي ڇڏيو، رڳو ڪاغذن تي ڪڍي ڇڏيو، اوهان جي دلين مان نه ڪڍي سگهيا، سڀاڻي ٻيهر نواز شريف کي هي ماڻهو وزيراعظم بڻائي ڇڏيندا، منهنجو مقصد وزيراعظم بڻجڻ ناهي، پاڪستان جا مالڪ ويهه ڪروڙ عوام آهن يا ناهن؟، گجرانوالا جا مالڪ هتان جا ماڻهو آهن يا ناهن؟، مون کي ڪهڙي ڳالهه تي ڪڍيو ويو؟، لوڊشيڊنگ ختم ڪئي پئي وئي، ملڪ ترقي ڪري رهيو هيو، واپار وڌڻ شروع ٿيو هيو، نواز شريف چيو ته هتي ڪارخانا هلڻ شروع ٿي ويا، بيروزگاري گهٽجڻ شروع ٿي وئي، پاڪستان ۾ موٽر ويز بڻجي رهيون هيون، بجلي سستن اگهن تي اچڻ واري هئي، بيروزگاري جو خاتمو ٿي رهيو هيو، ملڪ ۾ امن قائم ٿي رهيو هيو، دنيا تسليم ڪري ٿي ته پاڪستان پرامن ٿي رهيو هيو، پوءِ ڪهڙو سبب هو جو نواز شريف کي ڪڍيو ويو، پاڪستان جو امن راس نه آيو، ماڻهن کان برداشت نه ٿيو، ڌرڻا ڏيڻ شروع ٿي ويا، هي ماڻهو سوچي رهيا هئا نواز شريف ڪامياب ٿي ويو، 2018 ۾ به اچي ويندو، هن چيو ته منهنجي خلاف فيصلو ڏيڻ وارئو، قوم جو فيصلو به ڏسو، مان تنهن ڪري عوام وٽ آيو آهيان جو اها عوام جي عدالت آهي. هن چيو ته شاندار  آجيان ۽ محبت ڪرڻ تي هو عوام جو ٿورائتو آهي، اسان کي فيصلو عوام جي عدالت ۾ ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته عوام کي خبر آهي ته ٻين جي عدالت ڪهڙو فيصلو ڏنو آهي. نواز شريف ماڻهن کان سوال ڪندي چيو ته ڇا توهان کي مون کي ڪڍڻ جي فيصلي سان اتفاق آهي يا نه. نواز شريف چيو ته  نواز شريف سان آهي، اسان گڏجي پاڪستان کي تبديل ڪنداسين. نواز شريف ريلي دوران حادثي ۾ فوت ٿي ويل نينگر جي حوالي سان چيو ته حادثي ۾ منهنجو ڪارڪن شهيد ٿيو آهي، جنهن تي تمام گھڻو ڏک پهتو، هي اسان جي جدوجهد جو پهريون شهيد آهي، سندس گهر ويندس، گھرڀاتين لاءِ جيڪا مدد ڪري سگھيس اها ڪندس.