رڪڻ ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو****سنڌ جي نئين سر تعمير لاءِ سنڌين کي ايس ٽي پي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: ڊاڪٽر قادر مگسي****ملير: گڏاپ مان هٿياربند صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پٽ کي اغوا ڪري ويا****نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو
ملڪ جي مجموعي آبادي 21 ڪروڙ 91 لک تائين پهچي وئي، آدمشماري ۾ پنجاب پهرين ۽ سنڌ ٻئي نمبر تي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ، پنجاب جي 11 ڪروڙ ۽ ڪي پي ڪي جي آبادي اضافي کانپوءِ 3 ڪروڙ 10 لک ٿي وئي آهي، ملڪ ۾ هلندڙ سال ڪرايل ڇهين آدمشماري جي ابتدائي نتيجن موجب پاڪستان جي آبادي 13 ڪروڙ 23 لک مان وڌي 21 ڪروڙ 31 لک کان به وڌي وئي آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت اها آبادي 21 ڪروڙ 90 لک تائين پهچڻ جو امڪان آهي، 1998ع کان 2017ع تائين 7 ڪروڙ 87 لک کان به وڌيڪ ماڻهن جو اضافو ٿيو آهي، ڪراچي جي آبادي 98 لک مان وڌي هڪ ڪروڙ 70 لک کان به وڌي وئي آهي، مجموعي طور تي سنڌ جو ڪل آبادي ۾ حصو 23 سيڪڙو کان وڌيڪ 24 سيڪڙو ٿي ويو آهي، پنجين آدمشماري 1998ع جي ڀيٽ ۾ مجموعي طور تقريبن 60 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. پنجاب کانسواءِ ٻين صوبن ۾ آبادي جي شرح ۾ اضافو وڌيڪ آهي، پاڪستان جي ڇهين آدمشماري جي حوالي سان مختلف ذريعن وٽان هڪ نجي ٽي وي کي مليل غير حتمي انگ اکرن موجب پاڪستان جي ڪل آبادي پنجين آدمشماري 1998ع جي 13 ڪروڙ 23 لک جي مقابلي ۾ ڇهين آدمشماري 2017ع ۾ وڌي 21 ڪروڙ 31 لک ٿي وئي آهي، جنهن ۾ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي آبادي شامل ناهي، جيڪا 60 لک جي لڳ ڀڳ آهي ۽ مجموعي آبادي 21 ڪروڙ 90 لک کان به وڌي وڃڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب 1998ع ۾ پنجاب جي آبادي 7 ڪروڙ 36 لک هئي، جيڪا ڇهين آدمشماري ۾ 11 ڪروڙ 10 لک کان به وڌي وئي آهي. سنڌ جي آبادي 3 ڪروڙ 4 لک هئي، جيڪا هاڻي وڌي 5 ڪروڙ 10 لک کان به وڌيڪ ٿي وئي آهي، خيبرپختونخوا جي آبادي هڪ ڪروڙ 77 لک هئي، جيڪا ڇهين آدمشماري ۾ وڌي ڪري 3 ڪروڙ 10 لک کان به وڌي وئي آهي. بلوچستان جي آبادي 65 لک هئي، جيڪا ڇهين آدمشماري ۾ وڌي هڪ ڪروڙ 15 لک کان به وڌي وئي آهي. فاٽا جي آبادي 31 لک هئي، جيڪا ڇهين آدمشماري ۾ وڌي 55 لک کان به وڌيڪ ٿي وئي آهي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي آبادي 8 لک هئي، جيڪا ڇهين آدمشماري ۾ وڌي ڪري 21 لک کان به وڌي وئي آهي.