جلاوطني ختم ڪري ڪوئيٽا پهچندڙ بلوچ قومپرست اڳواڻ گزين مري ايئرپورٽ تان گرفتار****پاڪ-ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو، مستقبل ۾ ڀرپور جواب ڏيڻ جو چتاءُ****پاڪستان سارڪ چارٽر ۽ ان جي اصولن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهي: خواجا آصف****شيخ رشيد جو چونڊ سڌارن جي بل خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان
تحريڪ انصاف کي هڪ ٻيو جهٽڪو، ڪراچي جي سرگرم اڳواڻ ناز بلوچ پيپلز پارٽي ۾ شامل

 ڪراچي (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي ڪراچي جي سرگرم اڳواڻ ناز بلوچ پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آهي. ناز بلوچ چيو آهي ته عمران خان جو رڳو پنجاب تي ڌيان آهي ۽ سنڌ تي ڪوبه ڌيان نه آهي، مان پارٽي جي شروعاتي ۽ سرگرم اڳواڻ رهي آهيان ۽ انهن حالتن ۾ به پارٽي لاءِ ڪم ڪيو جڏهن ڪراچي جون حالتون خراب هيون پر پوءِ به عمران خان پاران اهميت نه ڏني وئي. پي ٽي آءِ تبديلي جو نالو نعرو هڻندي هڻندي پاڻ تبديل ٿي وئي. پيپلز پارٽي ۾ شموليت کانپوءِ ائين محسوس ٿئي پيو ڄڻ پنهنجي گهر ۾ واپس آئي آهيان. ڪالهه ناز بلوچ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پي پي جي اهم اڳواڻ ايم اين اي فريال ٽالپر جي موجودگي ۾ پي پي ميڊيا سيل تي پريس ڪانفرنس دوران پي پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير سهيل سيال به موجود هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ناز بلوچ چيو ته تحريڪ انصاف ۾ هاڻي نوجوانن جي ترجماني نه ٿي رهي آهي ۽ عمران خان جي چوڌاري نوجوان نه آهن، سنڌ ۾ غيرسياسي ماڻهن کي پارٽي جي قيادت ڏني وئي آهي عمران خان ڪارڪنن جو آواز ٻڌي ته بچي سچي پارٽي کي بچائي سگهجي. ان موقعي تي پي پي ايم اين اي فريال ٽالپر چيو ته ناز بلوچ کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چوان ٿي. پيپلز پارٽي جيالن جي پارٽي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ ماڻهو شامل ٿيندا. وڏي وزير مراد علي شاهه کيس پارٽي ۾ ڀليڪار چوندي چيو ته ناز بلوچ جي شموليت سان پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. ناز بلوچ سرگرم ڪارڪن رهي آهي ۽ اُميد آهي ته پيپلز پارٽي ۾ به سرگرم ڪردار ادا ڪندي.