ايپڪس ڪميٽي آءِ جي سنڌ کي مڪمل طور تي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ڪميٽي جي فيصلن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ فيصلن تي ڪنهن به قسم جو عملدرآمد نه پيو ٿئي: موقف *** منهنجو پئسو منهنجي ئي نالي پاڪستان ۾ پيل آهي، وزيراعظم ۽ سندس ٻارڙن جي ملڪيت پرڏيهه ۾ رکيل آهي *** حڪومت پاران مخالف ڌر جي احتجاج باجود بل پاس ڪرائڻ جو فيصلو
جي آئي ٽي رپورٽ مان مليل شاهدين سبب هاڻي نواز شريف بچي نٿو سگھي: افتخار چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو آهي ته پاناما ڪيس بابت سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جيڪا راءِ ڏني انهن جاٰ تي آئون هجان ها ته منهنجو به اهو ئي فيصلو هجي ها. اهڙين ڳالهين جڳو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪيو. اوڻي چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي باقي ٽن ججن چيو اڃا وڌيڪ جاچ ٿيڻ گھرجي ان لاءِ سپريم ڪورٽ طرفان جي آئي ٽي بڻائي وئي، جي آئي ٽي بڻائڻ وقت اعتراض نه ڪيو ويو ان وقت مٺايون ورهايون ويون، جڏهن جي آئي پنهنجو ڪم شروع ڪيو ته اعتراض سامهون آيا،  سپريم ڪرورٽ جي آئي ٽي کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. ارسلان افتخار بابت سوال تي جواب ڏيندي هن چيو ته ارسلان بابت جي آءِ مون نه بڻائي هئي، نه وري آئون بينچ ۾ شامل هئس. آئين جا آرٽيڪل 62 ، 63 ججن تي لاڳو نٿا ٿين، اهي پارليامينٽ جي ميمبر جي اهليت بابت آهن. جي آئي ٽي رپورٽ مان ايتريون شاهديون مليون آهن، هاڻي نواز شريف بچي نٿو سگھي. عمران خان جو اصولن خلاف آهيان، عمران خان کي گرفتار نه ڪرڻ موجوده حڪومت جي ڪمزوري آهي. قانون سڀني لاءِ برابر آهي، يوسف رضا گيلاني خلاف ٽرائل ٿي سگھي ٿو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي اچي سگهي ٿي ته ڇا قادري ۽ عمرن خان ايترا طاقتور آهن جو کين ڪير هٿ به نٿو لڳائي سگھي.