جلاوطني ختم ڪري ڪوئيٽا پهچندڙ بلوچ قومپرست اڳواڻ گزين مري ايئرپورٽ تان گرفتار****پاڪ-ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو، مستقبل ۾ ڀرپور جواب ڏيڻ جو چتاءُ****پاڪستان سارڪ چارٽر ۽ ان جي اصولن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهي: خواجا آصف****شيخ رشيد جو چونڊ سڌارن جي بل خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان
نواز شريف ضد ڇڏي استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي: خورشيد شاهه

خيرپور (ڊ-ر) اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه جيلاني هائوس تي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نواز شريف ضد ڇڏي، استعيفيٰ ڏئي ڇاڪاڻ ته هن جي استيعفيٰ ملڪ جي مفاد ۾ آهي. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته نواز شريف پهريان چيو هو ته مون تي ڪرپشن ثابت ٿي ته مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس هن تي هاڻي ڪرپشن ثابت ٿي چڪي آهي کيس استعيفي ڏيڻ گهرجي. خورشيد شاهه چيو ته نواز ليگ جي وزيرن کي اهڙا بيان نه ڏيڻ گهرجن جنهن سان ماحول خراب ٿئي خورشيد شاهه چيو ته زيراعظم کان استعيفيٰ وٺڻ لاءِ اپوزيشن جماعتون هڪ آهن. ان موقعي تي اڳوڻي وڏي وزير سيد قاعم علي شاهه چيو ته پاناما اشو عدالت ۾ آهي ڏسون ٿا ته ڇا ٿو ٿئي پيپلز پارٽي ايندڙ چونڊن لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن سيد قائم علي شاهه وڌيڪ چيو ته هاڻي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته پيپلز پارٽي ختم ٿي چڪي آهي انهن کي 2018ع جي اليڪشن ۾ خبر پوندي ته پيپلز پارٽي ڇا آهي.