جلاوطني ختم ڪري ڪوئيٽا پهچندڙ بلوچ قومپرست اڳواڻ گزين مري ايئرپورٽ تان گرفتار****پاڪ-ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو، مستقبل ۾ ڀرپور جواب ڏيڻ جو چتاءُ****پاڪستان سارڪ چارٽر ۽ ان جي اصولن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهي: خواجا آصف****شيخ رشيد جو چونڊ سڌارن جي بل خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان
مخالف ڌر جي سمورين ڪوششن باوجود وزيراعظم سرخرو ٿيندو: خواجا آصف

سيالڪوٽ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاناما ڪيس جي جاچ دوران مخالف ڌر جي سمورين ڪوششن باوجود وزيراعظم نواز شريف سرخرو ٿيندو، پاڪستان دشمن قوتون گوادر ۽ سي پيڪ منصوبي تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ مخالف ڌر جو استعمال ڪري رهيون آهن، سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجا آصف جو چوڻ هو ته وزيراعظم نواز شريف پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو آهي ۽ ان جي ئي قيادت ۾ ملڪ کي معاشي طاقت بڻائينداسين ۽ وزيراعظم هر امتحان ۾ ڪامياب ٿيندو، وزيراعظم خلاف ظاهري طور متحد نظر ايندڙ مخالف ڌر جماعتون به اختلافن جو شڪار نظر اچي رهيون آهن، قومي اسيمبلي ۾ استعيفيٰ جمع ڪرائيندڙ سياستدان هاڻي وزيراعظم کان استعيفيٰ گهري رهيا آهن، مخالف ڌر جماعتون پنهنجي پنهنجي مفادن جي جنگ وڙهي رهيون آهن، ڪجهه جماعتون چونڊن جو مطالبو ۽ ڪجهه وزيراعظم کان استعيفيٰ طلب ڪري رهيون آهن، جيڪا انهن جي مفادن جي جنگ کي ظاهر ڪري ٿي.