جلاوطني ختم ڪري ڪوئيٽا پهچندڙ بلوچ قومپرست اڳواڻ گزين مري ايئرپورٽ تان گرفتار****پاڪ-ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو، مستقبل ۾ ڀرپور جواب ڏيڻ جو چتاءُ****پاڪستان سارڪ چارٽر ۽ ان جي اصولن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهي: خواجا آصف****شيخ رشيد جو چونڊ سڌارن جي بل خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان
پاناما ڪيس: سپريم ڪورٽ ۾ اڄ ٻيهر ٻڌڻي، شريف ڪٽنب پاران جي آءِ ٽي رپورٽ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاناما ڪيس اهم مرحلي ۾ داخل. جي آءِ ٽي رپورٽ تي اڄ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي، پاناما ڪيس حتمي مرحلي ۾ پهچي ويو آهي، اڄ سومر جي ڏينهن جي آئي ٽي رپورٽ تي جسٽس اعجاز افضل، جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي مشتمل سپريم ڪورٽ جي 3 رڪن بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، وفاقي وزير، پاڪستان تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ عوامي مسلم ليگ کان علاوه پيپلزپارتي جو وفد به پاناما ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ پهچندو، ٻئي پاسي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته خواجا حارث جي سربراهي ۾ شريف ڪٽنب جي وڪيلن جي ٽيم جي آءِ ٽي رپورٽ کي چئلينج ڪرن لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائيندو. هوڏانهن سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي حملو ڪندڙ اڄ پارليامينٽ جي عزت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ادارن کي گاريون ڏيڻ وارو ماڻهو ادارن جي عزت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، هن چيو ته زڪوات جي پئسن سان مني لانڊرنگ ڪرڻ وارو اڄ ٻين تي آڱر کڻي رهيو آهي، سپريم ڪورٽ تي ميرا ڪپڙا ٽنگڻ وارو اڄ سپريم ڪورٽ جي حفاظت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، عمران صاحب، جنهن ڏينهن نواز شريف پنهنجي ڪارڪنن کي ڪال ڏني، اوهان کي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي، عمران خان اوهان جيڪو پنهنجي ڪارڪنن سان ڪري رهيا آهيو، اهو سڄو پاڪستان ڏسي رهيو آهي، تحريڪ انصاف ته ڪرپٽ ٽولي جي جماعت بڻجي چڪي آهي، عمران خان صاحب سپريم ڪورٽ جو فيصلي جو انتظار ڪريو، هن چيو ته هميشه وانگر وزيراعظم سرخرو ٿيندو، اوهان کي شرمندگي ٿيندي، 3 عدالتن کان مفرور ٻين جي احتساب جي ڳالهه ڪهڙي منهن سان ڪري رهيو آهي، سڄي قوم ڏسي رهي آهي، اوهان چور، ڪوڙا ۽ ذهني مريض آهيو، عمران خان صاحب اوهان جا ورڪر اصليت ڄاڻي ٻين پارٽين ۾ وڃي رهيا آهن.