ايپڪس ڪميٽي آءِ جي سنڌ کي مڪمل طور تي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ڪميٽي جي فيصلن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ فيصلن تي ڪنهن به قسم جو عملدرآمد نه پيو ٿئي: موقف *** منهنجو پئسو منهنجي ئي نالي پاڪستان ۾ پيل آهي، وزيراعظم ۽ سندس ٻارڙن جي ملڪيت پرڏيهه ۾ رکيل آهي *** حڪومت پاران مخالف ڌر جي احتجاج باجود بل پاس ڪرائڻ جو فيصلو
وومينز ورلڊ ڪپ مئچ ۾ قومي ٽيم مسلسل ناڪامي جو شڪار، سريلنڪا به دوڙ ڪري ڇڏيو

ليسٽر(اسپورٽس نيوز) وومينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي شڪست جو سلسلو آخر تائين جاري رهيو. آخري گروپ ميچ ۾ سريلنڪا به پاڪستاني ٽيم کي 15 رنسن تان هارائي ڇڏيو. ليسٽر ۾ کيڏيل وومينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ سريلنڪا پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 221 رنسون ٺاهيون. ديلاني سورنگيڪا 84 اسحاني ڪوشليا 28 ۽ چماري اتاپتو 28 رنسون ٺاهي نمايان اسڪورر رهيون. پاڪستان طرفان ڊائنا بيگ 3 وڪيٽون ورتيون. 222 رنسن جي حدف جي پٺيان پاڪستاني بئٽنگ هميشه وانگر ناڪام رهي ۽ سموري ٽيم 206 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. نين عابدي 57 رنسون ٺاهيون جڏهن ته اسماويه اقبال 38 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي. سريلنڪا طرفان چنديما گونارتني 4 ڪانچنا 2 وڪيٽون ورتيون.