ايپڪس ڪميٽي آءِ جي سنڌ کي مڪمل طور تي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ڪميٽي جي فيصلن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ فيصلن تي ڪنهن به قسم جو عملدرآمد نه پيو ٿئي: موقف *** منهنجو پئسو منهنجي ئي نالي پاڪستان ۾ پيل آهي، وزيراعظم ۽ سندس ٻارڙن جي ملڪيت پرڏيهه ۾ رکيل آهي *** حڪومت پاران مخالف ڌر جي احتجاج باجود بل پاس ڪرائڻ جو فيصلو
شهرت ملڻ کانپوءِ به ڪا به تبديلي نه آئي آهي، ڪاميابي ورتاءُ ۾ خرابي ناهي آندي: عاليا بٽ

ممبئي(ڪلچرل نيوز) ڀارتي اداڪارا عاليا ڀٽ چيو آهي ته هاڻي به اهو ئي فرد آهيان جهڙي ڪاميابي کان پهريان هوندي هيس. ڀارتي ميڊيا مطابق عاليا ڀٽ کي گهڻي هونهار لڙڪي سمجهيو ويندو آهي جنهن گهٽ عمر ۾ ڪافي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي پر خاص ڳالهه اها آهي ته ان ڪاميابي ان جي ورتاءَ کي خراب ناهي ڪيو. 24 سالن جي اداڪارا انٽرنيشنل انڊين فلم اڪيڊمي ايوارڊز جي تقريب ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ آمريڪا ويل آهي. عاليا اتي ميڊيا کي خاص انٽرويو ۾ ٻڌايو ته مان هاڻي به اها ئي فرد آهيان جيڪا ڪاميابي کان پهريان هوندي هيس. هن چيو ته مان نٿي سمجهان ته فلمي ڪاميابي منهنجو رويو بگاڙيو آهي. هاءِ وي، 2 اسٽيٽس، اڙتا پنجاب ۽ ڊيئر زندگي جهڙين بالي ووڊ فلمن ۾ عاليا جي اداڪري کي گهڻو ساراهيو ويو آهي. هوءَ ان ايوارڊ تقريب ۾ پهريون ڀيرو شرڪت ڪري رهي آهي، پنهنجي اولين ايوارڊ بابت عاليا چيو ته ان کي هي فلم ”هاءِ وي“ لاءِ حاصل ٿيو.