ايپڪس ڪميٽي آءِ جي سنڌ کي مڪمل طور تي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ڪميٽي جي فيصلن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ فيصلن تي ڪنهن به قسم جو عملدرآمد نه پيو ٿئي: موقف *** منهنجو پئسو منهنجي ئي نالي پاڪستان ۾ پيل آهي، وزيراعظم ۽ سندس ٻارڙن جي ملڪيت پرڏيهه ۾ رکيل آهي *** حڪومت پاران مخالف ڌر جي احتجاج باجود بل پاس ڪرائڻ جو فيصلو
 سنڌ ۾سموريون خانگي سيڪيورٽي ڪمپنيون لوڪل آهن، ڪابه غير ملڪي ناهي: نثار کهڙو

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ گهرو کاتي بابت ميمبرن جي پڇيل مختلف سوالن جا جواب نثار احمد کهڙو ڏيندي چيو ته سيڪيورٽي ادارن جو  لائسنس ملڪي يا غير ملڪين کي ڏنو ويندو آهي؟ نصرت سحر عباسي جي سوال تي صوبائي وزير چيو ته هن وقت تائين 265 سيڪيورٽي ڪمپنيون آهن  زم وڏي ڪمپني آهي جنهن جا 3700 سيڪيورٽي گارڊ آهن، 68 هزار سيڪيورٽي واران موجود آهن، سموريون ڪمپنيون لوڪل آهن ان ۾ ڪا به غير ملڪي ناهي،رولز تحت ڪمپني کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو آهي، صوبائي وزير چيو ته اسان اين ٽي اين نمبر چيڪ ڪندا آهيون سيڪيورٽي اهلڪار ڪٿان سان تعلق رکن ٿا اهو هڪ معمول موجب هوندو آهي صوبائي سطح تي پاسپورٽ ناهي هوندو، سمورن صوبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو سيڪيورٽِي اهلڪارن شامل هوندا آهن، حڪومت کي ڪا به شڪايت ناهي آئي جو ڪنهن خلاف ڪاروائي ڪيون،78 ارب سنڌ پوليس جو بجيٽ آهي پر اتي 265 خانگي سيڪيورٽي ادارن کي لائنسنس ڪهڙي بنياد تي ڏنا ويا، جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته ان وقت صورتحال خراب هئي ڪراچي ۾ وڃڻ کان روڪيو ويندو هيو ڪراچي ۾ حالات تمام خراب هيا،ٻن ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي واري شهر جي حالت ٺيڪ نه هئي پوليس به گهٽ هئي ان ڪري خانگي سيڪيورٽي ادارن کي لائنسنس جاري ڪيا،بئنڪون، فيڪٽريون، گهر محفوظ نه هيا انهن خانگي سيڪيورٽي ڪمپنين کان مدد وٺي رهيا آهيون، رجسٽريشن ڪرڻ لاءِ 2 لک روپيا فيس، 25 هزارسال جي  رينويل فيس هوندي آهي، سيڪيورٽي ڪمپنين جا مالڪ بغير وردي جي جديد هٿيار کڻي ويگو گاڏين ۾ گهمن ٿا جن سان شهرين ۾ خوف پيدا ٿيندو آهي ان سلسلي ۾ حڪومت ڪهڙا قدم کڻي رهيا آهي صوبائي وزير چيو ته وردي کان بغير پوليس واري خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي آهي ڪنهن کي به وردي کان بغير هٿيار گهمائڻ جي اجازت ناهي هوندي، لائسنس مٿان پابندي لاڳو ٿيل آهي لائيف ٽائيم فيس معاف ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت وٽ ڪو سسٽم آهي ايم ڪيو ايم جي هري چند جي سوال تي صوبائي وزير چيو ته زندگي ڪيتري آهي ان جي خبر ناهي هوندي ان ڪري لائيف ٽائيم فيس معاف وارو سسٽم لاڳو نه ڪيو ويو، ڪي پي ڪي ۾ عام ماڻهن کي هٿيارن جا لائنسنس ڏنا ويا جنهن بعد ماڻهن ۾ افرا تفري وڌي ۽ اتي طالبان جي شڪل ۾ گروپن ڪر کنيو ۽ انهن اسان جي معصوم ماڻهن مٿان حملا ڪيا دهشتگردن خلاف شهيد محترمه بينظير ڀٽو به مخالف ڪئي هئي، فري سوسائٽيز پاڪستان بنجي وڃي ته ٻيو ڇا گهرجي، چاهيون تا هٿيار فري ملڪ بڻجي وڃي پر ان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، صوبائي وزير چيو ته صوبي ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجا هٿيار  رينيو ڪرائڻ ناهين آيا، بغير لائسنس وارا هٿيار به ماڻهن وٽ موجود آهن،انهن کي اپيل آهي ته اهي غير قانوني هٿيار جمع ڪرائن،  سمورن ادارن جي پيپرا نيپرا رولز تحت ٽينڊر ڏيڻا پوندا آهن هن شهر ۾ اهو به وقت هيو جڏهن بغير ٽينڊر جي پوليس جا ٽينڊر جاري ڪيا ويا پر ڪنهن به نه ڪڇيو. ڪراچي پوليس کي جديد بڻائڻ چاهيون ٿا ته جئين اها مضبوط ٿي وڃي جو اسان جي ٻئي سيڪيورٽي ادارن کان مدد نه وٺڻي پوي، 3 ارب روپين ۾ جيڪڏهن ڪراچي پولسي شامل ناهي ته اهو تاثر نه ڏنو وڃي ته ان جي سهولتن ۾ ڪا گهٽتائي ٿيندي، نصرت سحر عباسي چيو ته گهرو وزير مقرر ڇو نٿو ڪيو وڃي،؟ جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته  گهرو وزير جي مقرري بابت حڪومتي پاليسي شامل هوندي آهي،هن چيو ته رينجرز کان ان لاءِ مدد ورتي وئي هئي ڇوته ڪراچي کي نشانو بڻايو ويو هو،رينجرز ڪم ڪيو ان ڪري ماڻهن جو ڀروسو وڌيو ۽ اڄ پوري صوبي ۾ رينجرز جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، پر اهو به سوچيو ته اڳتي ڇا ٿيندو، ائين نه ٿئي  جئين بلوچستان ۾ 9 سنڌي مزدورن کي قتل ڪيو ويو.