آصف زرداري سان مخدوم رفيق الزمان جي ملاقات، ترقياتي منصوبن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون****سانگهڙ ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 8 زخمي****لاڙڪاڻي ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو، معصوم ٻارڙو، عورت ۽ نوجوان قتل، 5 ڄڻا زخمي****آصف زرداري جلسي کي خطاب ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو
سنڌ اسيمبلي ۾اسپيڪر، وڏي وزير، صلاحڪارن ۽ وزيرن جي الائونس ۾ 102سيڪڙو واڌاري جو بل منظور

ڪراچي(رپورٽون ضياءُ قريشي ۽ محڪم الدين راڄپر) سنڌ اسيمبلي جي ايوان اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، وڏي وزير، اسيمبلي ميمبرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، وزيرن جو اسٽيٽس رکندڙن جي پگهارن ۽ ا لائونسز ۾ 102سيڪڙو واڌ وارو سرڪاري بل 2017ع اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي، سليڪٽ ڪميٽي جي سفارشن بعد پيش ڪيل بل تحت ڪنهن حادثي ۾ وزير، صلاحڪار يا ايم پي ايز جي فوت ٿيڻ تي وارثن کي  50 لک رپيا ڏنا ويندا. تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ڪالهه ٻه ڪلاڪ دير سان پوڻين 12 وڳي شروع ٿيو، اجلاس ۾ تلاوت ڪلام پاڪ ۽ نعت رسول صه بعد ايوان ۾ بلوچستان ۾نوشهرو فيروز واسي 9 سنڌي پورهيتن لاءِ فاتحه پڙهي وئي ۽ سندن وارثن جي مالي مدد لاءِ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته هو بلوچستان حڪومت سان ڳالهائي، ڪنڌ ڪوٽ واسي نينگري اقرا سان زيادتي ڪيس ۾ ملوث مجرمن کي سزا ڏيارڻ جڏهن ته ٿر ۾ ٻارڙن جي فوتگي ۾ واڌ بابت به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. پارلياماني معاملن واري سينيئر وزير  نثار احمد کهڙي سنڌ لا ترميم بل 2017 پيش ڪيو، جنهن کي ايوان يڪراءُ طور تي منظوري ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ نثار کهڙو، ايم پي ايز جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ 110 سيڪڙو واڌ بابت سليڪٽ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو، پيش ڪيل بل  ۾ ترميم آڻي وڏي وزير ، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، ۽ ايم پي ايز  سميت حڪومتي عملدارن لاءِ پهرين جولاءِ 2016 ع کان هن وقت تائين منظور ڪيل پگهار ۽ الائونس جي منطوري وٺي ڇڏي آهي. سليڪٽ ڪميٽي جي سفارشن موجب وڏي وزير جي پگهار 80 هزار مان وڌائي ڏيڍ لک رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هائوس رينٽ لاءِ 70 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح  وڏي وزير جي ماهوار  الائونس ملائي 13 لک 10 هزار رپيا مقرر ڪيا ويا آهن. اسپيڪر جي پگهار هڪ لک 44 هزار مان وڌائي مختلف الائونس سميت کيس 13 لک 80 هزار ماهوار ڏنا ويندا، ڊپٽي اسپيڪر کي پگهار ۽ الائونس جي مد ۾ هڪ لک 64 هزار رپين مان واڌ ڪندي 7 لک 19 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، ڊپٽي اسپيڪر کي گهر الائونس اڳ نه هو هاڻي کيس 55 هزار رپيا ماهوار گهر الائونس ڏنو ويندو، سنڌ اسيمبلي ۾ ٽوٽل 168 ميمبرن جي ماهوار 72 هزار مان وڌائي هڪ لک 60 هزار مقرر ڪئي وئي اهي، جڏهن ته مٿي ڄاڻايل الائونس ۽ پگهار کانسواءِ وڏي وزير ، اسپيڪر،ڊپٽي اسپيڪر، پارلياماني سيڪريٽري، صلاحڪارن، خاص مددگارن ۽ خاص معاون ۽ صوبائي وزير جو اسٽيٽس رکندڙ ن کي ٽريولنگ الائونس، ڊيلي الائونس، گهر جي مرمت لاءِ الائونس، يوٽلٽي، ۽ ميڊيڪل الائونس پڻ ڌار ڏنو ويندو، جڏهن ته وڏي وزير ، اسپيڪر،ڊپٽي اسپيڪر کي لا محدود تيل جي سهولت هوندي،  ايم پي ايز کي 15 هزار رپيا تيل جي مد ۾ ڏنا ويندا، پارلياماني سيڪريٽري کي 400 ليٽر مهينو، خاص مددگار 400 ليٽر في مهينو، جڏهن ته صوبائي وزير ۽ وزير جو اسٽيٽس رکندڙ ن کي 500 ليٽر تيل ماهوار ڏنو ويندو، جڏهن ته ڊيلي الائونس جي مد ۾ وڏي وزير ۽اسپيڪر کي 2 هزار رپيا روزانو، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيرن کي 15 سو روزانو، صلاحڪارن، خاص مدد گارن ۽ پارلياماني سيڪريٽرين ۽ ايم پي ايز کي پڻ روزانو الائونس ڏنو ويندو، جڏهن ته مهمانن جي ريفريشمينٽ لاءِ وڏو ويز، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيرن کي 20 هزار مهينو، ايم پي ايز ۽ ٻين کي 10 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا، جڏهن ته هائوس رينٽ الائونس جي مد ۾ وڏي وزير ۽ اسپيڪر کي 70 هزار رپيا ڏنا ويندا، ڊپٽي اسپيڪر کي 60 هزار، وزيرن کي 55  هزار ۽ ٻين لاءِ 45 هزار رپيا مقرر ڪيا ويا آهن. اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعت ۾ واڌ بابت نثار کهڙو جي سربراهي ۾ جڙيل سليڪٽ ڪميٽي جنهن ۾ سڪندر مينڌرو، ناصر شاهه، متحده جي هير سوهو، پي ٽي آءِ جو ثمر علي خان ۽ فنڪشنل ليگ جي مهتاب اڪبر راشدي شامل هئا، سليڪٽ ڪميٽي ٽوٽل 4 گڏجاڻيون ڪيون، ۽ تجويز ڏني ته ميمبرن جي پگهار ۾ اضافو ڪيو وڃي، ميمبرن کي پينشن يا رٽائرمينٽ نه ٿي ملي، ٻين صوبن جي اسيمبلين جي ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعت جو پڻ جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي پارلياماني اڳواڻ سيد سردار احمد اعتراض واريندي چيو ته وزيرن ۽ ميمبر  جي الائونس ۾ فرق نه هجڻ گهرجي، نثار کهڙي چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته ميمبرن کي سهولتون ڏنيون وڃن، ايوان ۾ ايم ڪيو ايم جي صابر قائم خاني  بل ۾ ترميم پيش ڪئي ته پگهارن ۽ مراعتن ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2016 کان لاڳو ڪئي وڃي. اهڙي ترميم کي پڻ يڪراءِ طور منظور ڪيو ويو، جنهن بعد ايوان پگهارن بابت سنڌ لا ترميمي بل 2017 يڪراءِ طور تي منظوري ڪري ورتو.ان موقعي تي نثار کهڙي چيو ته اسٽينڊنگ ڪيمٽين ۾ ميمبرن جي حاضري يقيني بڻائي وڃي، اسپيڪر ميمبرن کي چيو ته هو حاضري لاءِ ڪارڊ ٺهرائي ڇڏين، ايوان ۾ مختلف مامرن تي بحث جاري هيو ته اسپيڪر آغا سراج دراني گورنر سنڌ جو پيغام پڙهي ٻڌايو جنهن بعد اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.