ايپڪس ڪميٽي آءِ جي سنڌ کي مڪمل طور تي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ڪميٽي جي فيصلن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ فيصلن تي ڪنهن به قسم جو عملدرآمد نه پيو ٿئي: موقف *** منهنجو پئسو منهنجي ئي نالي پاڪستان ۾ پيل آهي، وزيراعظم ۽ سندس ٻارڙن جي ملڪيت پرڏيهه ۾ رکيل آهي *** حڪومت پاران مخالف ڌر جي احتجاج باجود بل پاس ڪرائڻ جو فيصلو
ڪلڀوشن پاڪستان جو امن تباهه ڪيو، رليف نه ڏينداسين: وزير دفاع

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪلڀوشن پاڪستان جو امن تباهه ڪيو، رليف نه ڏينداسين، پاڪستان جي قومي سلامتي سڀ کان اهم آهي، اسان جي سڀ کان اهم ترجيح اسان جي قومي سلامتي آهي، هن چيو ته ڪلڀوشن ڪيس ۾ فيصلو ٻاهرين دٻاءَ بدران قومي سلامتي ڏسي ڪيو ويندو، قومي سلامتي تي ڪو سمجهوتو ممڪن ناهي، هن چيو ته ڪلڀوشن تي اڃا رڳو عبوري فيصلو آيو آهي، ڪيس جي معاملن تي اڃا بحث ئي ناهي ٿيو، عبوري فيصلي کي ڪنهن جي هار يا جيت نٿو چئي سگهجي، خواجا آصف چيو ته اڃا ته رڳو فوري طور موت جي سزا تي منع نامو آيو آهي، ڪلڀوشن جي موت جي سزا تي منع نامو ته رڳو رسمي آهي.