ايپڪس ڪميٽي آءِ جي سنڌ کي مڪمل طور تي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ڪميٽي جي فيصلن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ فيصلن تي ڪنهن به قسم جو عملدرآمد نه پيو ٿئي: موقف *** منهنجو پئسو منهنجي ئي نالي پاڪستان ۾ پيل آهي، وزيراعظم ۽ سندس ٻارڙن جي ملڪيت پرڏيهه ۾ رکيل آهي *** حڪومت پاران مخالف ڌر جي احتجاج باجود بل پاس ڪرائڻ جو فيصلو
عالمي عدالت جو فيصلو نواز شريف ۽ مودي وچ ۾ مئچ فڪسنگ جو نتيجو آهي: عمران خان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، ڪلڀوشن جي سزا خلاف عالمي عدالت جي فيصلي تي نواز ۽ مودي ۾ ميچ فڪس جو الزام مڙهي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته جندال جنهن مقصد سان پاڪستان آيو هو ان ۾ اڄ ڪامياب ٿي ويو، ٿي سگهي ٿو فيصلي تي ميچ فڪس هجي، مودي جي پالسي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي آهي، هو پرڏيهي ملڪن کي به استعمال ڪري پيو. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته عالمي عدالت انصاف مان اهڙي فيصلي جي اميد هئي. هن چيو ته نواز شريف ۽ ڀارتي وزير اعظم مودي وچ ۾ لاڳاپن کان سڀ واقف آهن. عمران خان چيو ته جندال جنهن مقصد سان پاڪستان آيو هو ان ۾ اڄ ڪامياب ٿي ويو، ٿي سگهي ٿو ڪلڀوشن بابت فيصلي تي ميچ فڪس هجي. سندس چوڻ هو ته مودي هميشه پاڪستان خلاف ڳالهايو آهي، سندس پاليسي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ئي آهي. عمران خان چيو ته ڀارت پاڪستان خلاف پاڙيسري ملڪن کي به استعمال ڪري پيو. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن ۾ ڪلڀوشن جو نالو به نه ورتو، جڏهن ته هو دهشتگري ۾ ملوث رهيو ۽ ان جا ثبوت به آهن، پاڪستان جون اهڙيون خراب حالتون ڪڏهن ناهن رهيون. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي اندر کان کوکلو ڪيو پيو وڃي، پاڪستان اندروني طور مضبوط هجي ها ته پرڏيهي پاليسي به مضبوط هجي. پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته پاناما ڪيس تي فيصلي بعد وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، 22 مئي تي خدشا ختم ٿي سگهن ٿا يا وڌي به سگهن ٿا.