آصف زرداري سان مخدوم رفيق الزمان جي ملاقات، ترقياتي منصوبن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون****سانگهڙ ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 8 زخمي****لاڙڪاڻي ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو، معصوم ٻارڙو، عورت ۽ نوجوان قتل، 5 ڄڻا زخمي****آصف زرداري جلسي کي خطاب ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو
فوج اڪيلي سر ڪجهه نٿي ڪري سگهي، ملڪ جي سڀني ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: آرمي چيف

راولپنڊي مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته فوج اڪيلي ڪجهه نٿي ڪري سگهي، سڀني ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته سموريون ذميواريون رڳو فوج تي وجهڻ سان ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، فوج اڪيلي ڪجهه نٿي ڪري سگهي، سڀني ادارن کي پنهنجيون ذميواريون نڀائڻيون پونديون، جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ انتهاپسندي کي رد ڪرڻ ۾ نوجوانن جي ڪردار بابت هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وڌيڪ چيو ته نوجوان نسل اسان جي مستقبل جو سرمايو آهي پر دشمن قوتون سوشل ميڊيا جي ذريعي نوجوانن جا ذهن تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف سموري قوم ۽ رياستي ادارا متحد آهن، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ انتهاپسندي خلاف ويڙهه کي جاري رکڻي پوندي، آپريشن ردالفساد هڪ نئين دور جي شروعات آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي خدشا گهٽائڻ سان ترقي جو سفر اڳتي وڌندو، پاڪ فوج دنيا جي واحد فورس آهي، جنهن دهشتگردي کي شڪست ڏني، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، پاڪ فوج وحشين جو صفايو ڪري دنيا ۾ مثال قائم ڪئي آهي، اسان جي فوج دنيا جي بهترين فوج آهي، جنهن جي قيادت ڪرڻ تي مون کي فخر آهي، دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ميڊيا ۽ عوام جي تعاون جي واکاڻ ڪيان ٿو، اڄ اسان دهشتگردي خلاف جنگ جي سڀ کان وڌيڪ نازڪ دور مان گذري رهيا آهيون، آرمي چيف جو چوڻ هو ته آپريشن سان گڏوگڏ اسان کي دهشتگردي جي سببن جو خاتمو به يقيني بڻائڻو آهي، دهشتگردن جو مقابلو فوج کي ڪرڻو آهي ته انتهاپسندي کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ معاشري کي منهن ڏيڻو آهي، انتهاپسندي ڏانهن لاڙو ڪندڙ نوجوانن کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ اقدار جي صحيح ڄاڻ ناهي، انتهاپسندي کي اڪثر مسلم معاشري کي ديندار طبقي سان جوڙيو وڃي ٿو، انتهاپسندي کي اسلام سان جوڙڻ ناانصافي ۽ خطرناڪ آهي، ڀارت ۾ انتهاپسندي جي انتها سبب ان جو قومي وقار تباهه ٿي چڪو آهي، اولهه جي گادي وارن شهرين ۾ مسجدن ۽ گورد وران جي بي حرمتي انتهاپسندي جي شڪل آهي، قوم پرستن، نسل پرستي جي عفريت به انتهاپسندي ئي آهي، انتهاپسندي هڪ عالمي رجحان طور تي اڀري رهي آهي، آرمي چيف چيو ته ناقص حڪمراني ۽ انصاف نه هجڻ جي ڪري نوجوان نسل جو استحصال ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ دهشتگردي سبب جڏهن به ڪو فوجي جوان يا شهري شهيد ٿئي ٿو ته منهنجيون اکيون آب ٿي وڃن ٿيون، گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ فوج ۽ ان کان اڳ خاص طور تي مون کي به ٽارگيٽ ڪيو ويو، پهريون فيصلو آيو ته پٽ چيو توهان هڪ مقبول پر غلط فيصلو ڪيو، ٻيو فيصلو ڪيو ته پٽ چيو هاڻي توهان غير مقبول پر صحيح فيصلو ڪيو آهي، ڪراچي يا بلوچستان ۾ ڪجهه ٿئي ته فوج اچي، ملڪ ۾ جتي به مسئلو ٿئي ٿو ته فوج کي گهرايو وڃي ٿو، منهنجي جوانن کي آرام به نٿو ملي، هڪ محاذ کان ٻئي محاذ تي وڃي رهيا آهن، فوجين بابت ڳالهه ڪرڻ آسان آهي پر انهن جي تڪليف جو احساس ڪير به نٿو ڪري سگهي، پنهنجي فوج، پوليس ۽ بيورو ڪريسي سان گڏ بيٺا آهيون، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 30 هزار اهلڪار جان قربان ڪري چڪا آهن، جيستائين اسان وٽ نوجوان نسل ۾ جذبو آهي پاڪستان ي ڪير به شڪست نٿو ڏئي سگهي. گذريل ڏينهن ۾ فوج ۽ ان کان اڳ خاص طور مون کي به ٽارگيٽ ڪيو ويو، ٻيو فيصلو ڪيو ته پٽ چيو هاڻي اوهان ان پاپولر پر درست فيصلو ڪيو، پهريون فيصلو ڪيو ته پٽ چيو ته اوهان هڪ پاپولر پر غلط فيصلو ڪيو، نوجوان نسل اسٽريٽ فارورڊ آهي، اسان جو رخ بهتر بڻائي ڇڏيندي، هن چيو ته ڪلڀوشڻ جي لاءِ وڪيل اسان گهرايو، سڄي ذميداري رڳو آرمي تي وجهڻ سان ملڪ اڳتي نٿو وڃي سگهي، پوري قوم فوج، پوليس ۽ ادارن سان گڏ اٿي بيهي، هن چيو ته ايئن ملڪ نٿو هلي سگهي، سڀني کي ذميداري کڻڻي پوندي، هن چيو ته جيستائين اسان جي نوجوان نسل ۾ جذبو آهي پاڪستان کي ڪوئي شڪست نٿو ڏئي سگهي، 30 هزار قانون نافذ ڪندڙ اهلڪار جان قربان ڪري چڪا آهن، ملڪ ۾ جتي مسئلو ٿيندو آهي، فوج کي گهرايو ويندو آهي، منهنجي جوانن کي آرام ناهي ملندو، هڪ محاذ کان ٻئي محاذ تي وجڃي رهيا آهيون، هن چيو ته فوجين جي باري ۾ ڳالهه ڪرڻ آسان آهي پر انهن جي تڪليف جو احساس ڪو ناهي ڪندو، فوج، پوليس، بيوروڪريسي سان گڏجي بيهن، جيستائين اوهان اٿي نه بيهندا، ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.