ايپڪس ڪميٽي آءِ جي سنڌ کي مڪمل طور تي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ڪميٽي جي فيصلن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ فيصلن تي ڪنهن به قسم جو عملدرآمد نه پيو ٿئي: موقف *** منهنجو پئسو منهنجي ئي نالي پاڪستان ۾ پيل آهي، وزيراعظم ۽ سندس ٻارڙن جي ملڪيت پرڏيهه ۾ رکيل آهي *** حڪومت پاران مخالف ڌر جي احتجاج باجود بل پاس ڪرائڻ جو فيصلو
عالمي عدالت پاران حتمي فيصلو اچڻ تائين ڀارتي جاسوس ڪلڀوشڻ کي ڦاهي نه ڏيڻ جو حڪم

هيگ ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) انصاف جي عالمي عدالت ڀارتي جاسوس ڪلڀوشڻ ياديو جي ڦاهي خلاف منع نامو جاري ڪندي کيس قونصلر رسائي ڏيڻ جي به هدايت ڪئي آهي. انصاف واري عالمي عدالت جي جج روني ابراهم ڀارتي جاسوس ڪلڀوشڻ ياديو واري معاملي تي محفوط ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته ڀارت کين ڪيس جي ميرٽ تي مطمئن نه ڪري سگهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت مان ڪو به ويانا ڪنوينشن کان انڪار نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته قونصلر رسائي واري معاملي تي ٻنهي ملڪن ۾ اختلاف آهن. سندس چوڻ هو ته آرٽيڪل هڪ تحت عالمي عدالت کي ٻڌڻيءَ جو اختيار آهي. جج روني ابراهم چيو ته ڪلڀوشڻ ياديو وارو معاملو عالمي عدالت جي اختيارن جي دائري ۾ اچي ٿو. ڪلڀوشڻ 3 مارچ 2016ع کان پاڪستان ۾ قيد آهي، پاڪستان ٻڌايو ته هن ياديو جو معاملو ڀارتي هاءِ ڪميشن آڏو اٿاريو، جاچ ۾ مدد لاءِ جنوري 2017ع ۾ ڀارت کي خط لکيو، پاڪستان ڀارت کي ٻڌايو قونصلر رسائي جو فيصلو پاڪستاني خط جي جواب تي هوندو. هن چيو ته عدالت ۾ ثابت ٿيو ته ڪلڀوشڻ واري معاملي تي پاڪستان ۽ ڀارت جو موقف الڳ الڳ آهي. سندس چوڻ هو ته  ڀارت کين ڪيس جي ميرٽ تي مطمئن نه ڪري سگهيو آهي. عدالت جي جج روني ابراهيم فصلي ۾ چيو ته هو ٻنهي ملڪن ۾ ڪلڀوشڻ ياديو جي تڪرار کي ويانا ڪنوينشن تحت سمجهن ٿا. هن چيو ته کين اميد آهي ته ڪيس جو مڪمل فيصلو اچڻ تائين ڪلڀوشڻ ياديو کي ڦاهي نه ڏني ويندي. سندس چوڻ هو ته ڪيس جي آخري فيصلي تائين ڪلڀوشڻ ياديو کي ڦاهي نه ڏني وڃي جڏهن ته کيس قونصلر تائين رسائي ڏني وڃي.