آصف زرداري سان مخدوم رفيق الزمان جي ملاقات، ترقياتي منصوبن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون****سانگهڙ ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 8 زخمي****لاڙڪاڻي ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو، معصوم ٻارڙو، عورت ۽ نوجوان قتل، 5 ڄڻا زخمي****آصف زرداري جلسي کي خطاب ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو
برسات جي سهاري ڪواليفائر رائونڊ ۾ پهتل ڪلڪتا اڄ ممبئي کي لوڙهڻ لاءِ تيار

بينگلور(اسپورٽس نيوز) برسات جي سهاري ڪواليفائر رائونڊ ۾ پهتل ڪلڪتا اڄ ممبئي کي لوڙهڻ لاءِ تيار آهي، انڊين پريميئر ليگ جي ٻئي ڪواليفائر مئچ ۾ اڄ ڪلڪتا نائيٽ رائيڊرز جو دنگل ممبئي انڊينز سان ٿيندو، دُوبدو مقابلن ۾ ڪلڪتا نائيٽ رائيڊرز کي ممبئي تي سرسي حاصل آهي، جڏهن ته ڪلڪتا جي ٽيم پلي آف کٽي ۽ ممبئي جي ٽيم پهريون ڪواليفائر هارائي چڪي آهي، جنهن ڪري ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ڪانٽيدار مقابلي جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن، ڪلڪتا نائيٽ رائيڊرز جي ٽيم گوتم گمڀير جي قيادت ۾ ٽيون ڀيرو فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پراميد آهي، جڏهن ته روهت شرما به ممبئي انڊينز کي ٽئين ٽائٽل تان رسائڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي.