ايپڪس ڪميٽي آءِ جي سنڌ کي مڪمل طور تي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ڪميٽي جي فيصلن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ فيصلن تي ڪنهن به قسم جو عملدرآمد نه پيو ٿئي: موقف *** منهنجو پئسو منهنجي ئي نالي پاڪستان ۾ پيل آهي، وزيراعظم ۽ سندس ٻارڙن جي ملڪيت پرڏيهه ۾ رکيل آهي *** حڪومت پاران مخالف ڌر جي احتجاج باجود بل پاس ڪرائڻ جو فيصلو
سونهن راڻي ايشوريه راءِ سهري جي جاءِ ڪون بنيگا ڪروڙ پتي جي ميزبان بڻجندي

ممبئي(ڪلچرل نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ايشوريه راءِ سهري جي جاءِ سنڀاليندي، ڪون بنيگا ڪروڙ پتي جي ميزباني هاڻي اميتاڀ بچن جي جاءِ تي ايشوريه راءِ ڪندي، ايشوريه راءِ شروع ۾ آڇ ٺڪرائي ڇڏي هئي پر اميتاڀ جي چوڻ تي هن شو جي ميزباني واري آڇ قبولي ورتي، سهري کان ٽپس به وٺندي، ان سلسلي ۾ ايشوريه راءِ بچن تصديق ڪندي چيو آهي ته سهري جي جاءِ تي شو جي ميزباني ملڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي، پهريان انڪار ڪري ڇڏيو هو پر سهري زور ڀريو ته آئون اها آڇ ضرور قبول ڪريان، ڪون بنيگا ڪروڙ پتي هڪ بهترين شو رهيو آهي، شوق سان ڏسندي آهيان، هن ڀيري شو جي ميزباني ڪنديس ان ڪري ٿوري پريشان آهيان.