شفاف جاچ لاءِ وزير اعظم کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي: ترجمان پي ٽي آءِ****افغانستان ۾ آمريڪي بم حملي ۾ را ۽ اين ڊي ايس لاءِ ڪم ڪندڙ 15 ڀارتي به مارجڻ جو انڪشاف****ايندڙ سال 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي: اسحاق ڊار****نوازليگ ۽ پ پ عوام سان سدائين ڪوڙ ڳالهايو ۽ دوکا ڏنا: سراج الحق
پاناما ڪيس جو فيصلو حڪمرانن لاءِ سوچڻ جي گهڙي آهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو حڪمرانن جي لاءِ آزادي جو پروانو نه پر سوچڻ جي گهڙي آهي حڪمران پنهنجو قبلو درست ڪن اها ڳالهه هن ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ڪيمپ جي 15 ڏهاڙي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چئي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته حڪمران تاريخ جي جابر حڪمرانن کان عبرت حاصل ڪن 10 لک ماڻهون اسان سان گڏ هلن ته سمورا مسئلا حل ڪرائي ڏيکارينداسين هن چيو ته حڪمران غلط فهمي ۾ آهن ته هي قوم هميشه وانگر جاڳي نٿي سگهي پر هو عوامي طاقت کي نظر انداز ڪرڻ جي غلطي ڪري رهيا آهن هن چيو ته پاڪ سرزمين پارٽي عوام جي ترجماني ڪندي پنهنجي 16 نقطن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪندي. هن چيو ته پاناما جي فيصلي سان عام ماڻهون تي ڪو به فرق نه پئجي رهيو آهي، ماڻهن کي پنهنجا بنيادي حق گهرجن. هوڏانهن مصطفي ڪمال هڪ ٻئي موقعي تي ڳالهائيندي پيپلز پارٽي کي پيغام ڏنو آهي ته توهان کي ايم ڪيو ايم جي عادت پئجي وئي آهي. هڪ ڪال منڃڻ وارا نه آهن عملي اپاءَ ورتا وڃن هن چيو ته ان کان اڳ احتجاج قائد لاءِ هوندا هئا ۽ هاڻ عوامي مسئلن لاءِ بيٺا آهيون. پاناما فيصلو ڪراچي جي مسئلن جو حل نه آهي. هن چيو ته پ پ کي ايم ڪيو ايم جي عادت پئجي وئي آهي پر پي ايس پي رڳو هڪ ڪال تي راضي نه ٿيندي.