آصف زرداري سان مخدوم رفيق الزمان جي ملاقات، ترقياتي منصوبن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون****سانگهڙ ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 8 زخمي****لاڙڪاڻي ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو، معصوم ٻارڙو، عورت ۽ نوجوان قتل، 5 ڄڻا زخمي****آصف زرداري جلسي کي خطاب ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو
ڄام نواز علي جي پي ايس 81 تي ڄام مدد 35901 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ جو جشن

سانگهڙ (رپورٽ امير بخش بڙدي) سانگهڙ ضلعي جي پي ايس 81 ڄام نواز علي تي ٿيندڙ ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار ميدان ماري ويو، فنڪشنل مسلم لیگ جو اميدوار ڄام نفيس ڍير ٿي ويو، پ پ جو ڄام مدد علي 35901 ووٽ کڻي ڪامياب، فنڪشنل مسلم ليگ جي اميدوار 24428  ووٽ کڻي هارايو ويو ، ڄام  نوازعلي ۾ پ پ وارن  جو جشن، اليڪشن دوران ووٽرن جو ٽرن آئوٽ گھٽ رهيو، جڏهن ته تلاشاهه پولنگ اسٽيشن تي جھڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو صالح خاصخيلي قتل، 4 زخمي ٿي پيا ويا، قتل  ٿيندڙ جو تعلق  پيپلز پارٽي سان ٻڌايو ويو، زخمين کي تعلقه اسپتال ٽنڊو آدم ۾ داخل ڪيو ويو، پولنگ اسٽيشن تي حفاظتي انتظامات سخت ڪيا ويا هئا، گرمي گهڻي  هئڻ  ڪري  ماڻهو  پولنگ  اسٽيشن تي نه اچڻ  لڳا  اميدوار گاڏيون  ڳوٺن  ۾ ڍوڙ آئي ماڻهن  کي  کڻي پولنگ اسٽيشن تي آيا، خبرموجب ضلع سانگهڙ اندر سنڌ اسيمبليءَ جي خالي تڪ پي ايس 81 ڄام نواز علي تي ننڍي چونڊ ٿي گذري، جنهن ۾ 122 پولنگ اسٽيشن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ اميدوار ڄام مدد علي 35,901 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي اميدوار ڄام نفيس علي خان 24428 ووٽ کڻي هارائي ويو آهي . پ پ جي اميدوار ڄام مدد علي جي ڪاميابي  بعد  پيپلزپارٽي جي  ڪارڪن پاران  دهل ۽ شرنايون وڄائي  خوشي ۾ ڊانس ڪيو ويو . جڏهن ته  هوڏانهن تلا شاھ پولنگ اسٽيشن تي  فنڪشنل مسلم ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي  ووٽرن مامي  ۽ ڀاڻيجي  ۾ منهن  ماري  ٿي پئي  جنهن  بعد  جهيڙو تار  ٿي  ويون  جنهن تي  پيپلزپارٽي جو ووٽر صالح خاصخيلي فوت  ٿي  ويو  ۽ علي حسن خاصخيلي سميت  چار  ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي ٽنڊوآدم تعلقه  اسپتال  نيو ويو، اهڙي واقعي بعد وڏي انگ ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مذڪوره هنڌ پهتا، هوڏانهن پولنگ دوران  شرارتي ماڻهن  پاران  مختلف قسم  جا  جهيڙي  جا  خبرون  به  هلائي  ماڻهن کي  خوفزده  به  ڪندا  رهيا، اهڙين ڪوڙين اطلاعن تي  سياسي  اڳواڻ  مختلف پولنگ اسٽيشن تي پهچي  خبرچار وٺندا رهيا  پولنگ اسٽيشن تي ماڻهن  جو  ٽرن آئوٽ  تمام  گهٽ  رهيو، گرمي سبب ماڻهو گهٽ  نڪتا  جنهن تي  اميدوار  سخت  پريشان  رهيا  ۽ پنهنجي  ووٽرن کي  ووٽ لاء گاڌيون  به  ڍوڙائيندا رهيا،  ڪشمور، نوشهروفيروز ۽ ٻين  هنڌن تان  آيل  پوليس اهلڪار ۽ ليڊيز ڪانسٽيبل  بک  جون  دانهون ڪندا  رهيا  انهن  کي  ڪنهن به  ماني  وغيره  نه  کارائي  انهن  نالا  نه  لکڻ  جي  شرط ٻڌايو ته  اسان کي  ٻن  ڏينهن کان  بک ۾ ماريو ويو آهي ڪنهن  به  پاڻي ۽ ماني  جو  به  نه  پڇيو، آفيسرن کي  شڪايتون  ڪيون اهي  به  ٻڌي  هليا ويا