شفاف جاچ لاءِ وزير اعظم کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي: ترجمان پي ٽي آءِ****افغانستان ۾ آمريڪي بم حملي ۾ را ۽ اين ڊي ايس لاءِ ڪم ڪندڙ 15 ڀارتي به مارجڻ جو انڪشاف****ايندڙ سال 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي: اسحاق ڊار****نوازليگ ۽ پ پ عوام سان سدائين ڪوڙ ڳالهايو ۽ دوکا ڏنا: سراج الحق
ٻن ججن طرفان نااهل قرار ڏيڻ بعد وزيراعظم اسيمبلي ميمبر رهڻ جي قابل ناهي رهيو: افتخار چوڌري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو آهي ته پنجن ئي ججن ثابت ڪري ڇڏيو ته وزيراعظم ايماندار ناهي ۽ ٻن ججن طرفان ته نااهل جا سرٽيفڪيٽ به ملي ويا آهن، جڏهن ته باقي ٽن ججن جا ريمارڪس به وزيراعظم خلاف وڃن ٿا. پاناما ڪيس جي فيصلي تي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري نجي ٽي وي کي خاص انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته پنجن مان ٻن ججن وزيراعظم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته باقي ٽن ججن به وڌيڪ تحقيق جو چيو آهي، اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته نواز شريف حڪمراني ڪرڻ جو اخلاقي جواب وڃائي ويٺو آهي. افتخار چوڌري چيو ته معزز عدالت ان طرف به ڌيان ڇڪايو آهي ته نواز شريف جي تقرير ۾ قطري خط، سرمائيڪاري جو ذڪر ناهي ڪيو ۽ بعد ۾ اهي شيون به ثبوت طور پيش ڪيون ويون اهڙي طرح نواز شريف عوام سان ڪوڙ ڳالهايو، ان چيو ته اهو ئي سبب آهي ته پاناما ڪيس جي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته ان غلط بيان ڪئي آهي ۽ قوم سان ڪوڙ ڳالهايو آهي جنهن تي تحقيق جي آءِ ٽي ۾ موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ته جيئن تفصيلي تحقيق سامهون اچي سگهي، افتخار چوڌري چيو ته جي آئي ٽي ۾ ايف آئي اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر  جي ليول جو ماڻهو هوندو، جڏهن ته نيب چيئرمين تي عدالت کي اعتبار ناهي، نواز شريف هاڻي جي آئي ٽي آڏو ڏواهاري طور بيٺل هوندو. انهن معنائن ۾ ڏٺو وڃي ته معزز عدالت جو فيصلو وزيراعظم خلاف آهي پر فيصلي کان پوءِ حڪمران جماعت مٺائي ڪهڙي ڳالهه تي ورهائي رهي آهي ان تي مونکي گهڻي حيرانگي ٿي رهي آهي. جي آءِ ٽي جي آزاداڻي طور تي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم جي آءِ ٽي اڳيان به ڏوهاري طور بيٺل هوندو ۽ ان کان پهريان ڪڏهن ايئن ناهي ٿيو ته وزيراعظم کي جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيڻو پيو هجي، ان چيو ته جي آءِ ٽي ۾ نالي وارو ڏوهاري بيٺل هوندا آهن جيئن اجمل پهاڙي ۽ ڪامران ماڌوري وغيره جن سئو سئو قتل ڪيا هوندا آهن ان لاءِ وزيراعظم کي سوچڻ گهرجي ته هاڻي اهو ڪهڙن ڏوهارين سان بيٺل آهي.