شفاف جاچ لاءِ وزير اعظم کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي: ترجمان پي ٽي آءِ****افغانستان ۾ آمريڪي بم حملي ۾ را ۽ اين ڊي ايس لاءِ ڪم ڪندڙ 15 ڀارتي به مارجڻ جو انڪشاف****ايندڙ سال 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي: اسحاق ڊار****نوازليگ ۽ پ پ عوام سان سدائين ڪوڙ ڳالهايو ۽ دوکا ڏنا: سراج الحق
وزيراعظم ۽ ان جي آڏي پڇا ٿيندي، جي آءِ ٽي شفاف جاچ نه ڪري سگهندي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان نواز شريف کان استعيفا جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته نواز شريف جي هوندي جي آءِ ٽي شفاف جاچ نه ڪري سگهندي، نواز شريف پاڻ سيد يوسف رضا گيلاني کان استعيفا جو مطالبو ڪيو هو ۽ هو اڄ پاڻ ان صورتحال جو شڪار آهي، سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏنو آهي، بني گالا ۾ اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پنجن ئي ججن گڏيل طور تي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ڏنل ثبوت ناڪافي آهن، هن چيو ته مستقبل جي ٻن چيف جسٽس وزيراعظم کي گهر موڪلڻ جو چيو آهي ۽ ٻن ججن چيو آهي ته نواز شريف صاد ق ۽ امين نه آهي، هن چيو ته آئون پوري پاڪستان قوم طرفان چوان ٿو ته نواز شريف استعيفا ڏي ۽ هاڻي وٽس رهڻ جو ڪو به اخلاقي جواز نه آهي، هن چيو ته هاڻي هڪ وزيراعظم عذير بلوچ وانگر روزانو حاضريون ڏئي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائيندو اها وزيراعظم جي عهدي جي توهين آهي، هن چيو ته خبر ناهي ته (ن) ليگ وارا ڪهڙي شيءَ جي مٺائي ورهائي رهيا آهن، ٻن ججن چيو آهي ته وزيراعظم ڪوڙو آهي، قطري خط کي نه مڃيو ويو آهي، پوءِ خدا ڄاڻي ته ڪهڙي سبب جي ڪري مٺايون ورهايون پيون وڃڻ، هن چيو ته نيب ۽ ايف بي آر تي به اعتراض واريا ويا آهن، هن چيو ته وزيراعظم استعيفا ڏي ڇو ته هن پاڻ سيد يوسف رضا گيلاني کان استعيفا جو مطالبو ڪيو هو، هن چيو ته وزيراعظم ۽ سندس ٻارن کان آڏي پڇا ٿيندي، جيڪڏهن اسان جدوجهد نه ڪريون ها ته اڄ هي ڏينهن نه اچي ها.