شفاف جاچ لاءِ وزير اعظم کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي: ترجمان پي ٽي آءِ****افغانستان ۾ آمريڪي بم حملي ۾ را ۽ اين ڊي ايس لاءِ ڪم ڪندڙ 15 ڀارتي به مارجڻ جو انڪشاف****ايندڙ سال 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي: اسحاق ڊار****نوازليگ ۽ پ پ عوام سان سدائين ڪوڙ ڳالهايو ۽ دوکا ڏنا: سراج الحق
نواز شريف ڪهڙي ڳالهه جي مٺائي ورهائي رهيو آهي، گهٽي گهٽي ۾ چور چور جا نعرا لڳندا: آصف زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي وزيراعظم نواز شريف کان استعيفي جو مطالبو ڪندي چيو آهي  هاڻي گهٽي گهٽي ۾ چور چور جا نعرا لڳندا پر پڪ آهي ته نواز شريف استعيفيٰ نه ڏيندو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان نواز شريف کان استعيفا جو مطالبو ڪريون ٿا، سپريم ڪورٽ جي ٻن سينئر ججن نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو آهي ۽ هاڻي وٽس ڪو به اخلاقي جواز نه آهي، هن چيو ته مون کي خبر آهي ته نواز شريف مري ويندو پر استعيفا نه ڏيندو، کيس شرم اچڻ گهرجي ته هو ڪهڙي شيءَ جون مٺايون ورهائي رهيا آهن، هن چيو ته پيپلزپارٽي کي ڪڏهن به ججن کان انصاف ناهي مليو، عدالت ڪجهه نه ڪري سگهي ته جي آءِ ٽي ۾ شامل آفيسر وزيراعظم کان ڀلا ڪهڙي جاچ ڪندا، هن چيو ته پاڪستان جي عوام سان دوکو ڪيو ويو آهي ملڪ ۾ جمهوريت کي اڄ وڏو نقصان پهتو آهي، هن چيو ته 9 مهينن تائين قوم سان مذاق ٿيندو رهيو ان جي مذمت ڪريان ٿو ۽ هن فيصلي جي به مذمت ڪريان ٿو، هن چيو ته ٻن سينئر ججن کي سلام پيش ڪريان ٿو جن فيصلو ڏنو آهي ته وزيراعظم نااهل ٿي ويو آهي، سينئر ججن جو فيصلو جونيئر ججن تي هاوي هوندو آهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته وزيراعظم اخلاقي طور تي عهدي تي رهڻ جو حقدار ناهي رهيو، هن چيو ته وزيراعظم جي استعيفا تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي، هن چيو ته حيرانگي آهي جو جي آءِ ٽي ٺاهي وئي آهي جيڪو ڪم سپريم ڪورٽ نه ڪري سگهي اهو ڪم ڀلا 19 هين گريڊ جو ماتحت آفيسر ڪيئن ڪري سگهندو اهي ڪهڙي طرح وزيراعظم کي نااهل ڪندا، ڏسڻو اهو آهي ته اها جي آءِ ٽي وزيراعظم جو بيان وزيراعظم هائوس ۾ وٺي ٿي يا ٿاڻي ۾ ٿي وٺي، هن چيو ته ملڪ بحران طرف وڌي رهيو آهي، موجوده حڪمرانن ۾ حڪومت ۽ ملڪ هلائڻ جي صلاحيت ئي نه آهي، هن چيو ته خبر ناهي ته (ن) ليگ وارا ڪهڙي منهن سان مٺائي ورهائي رهيا آهن ڇا هو ان تي مٺائي ورهائي رهيا آهن جو ٻن سينئر ججن وزيراعظم کي نااهل قرار ڏنو آهي، هن چيو ته وزيراعظم هاڻي صادق ۽ امين ناهي رهيو، هن چيو ته عمران خان جي ڊرامي جي ڪري نواز شريف وڌيڪ مضبوط ٿي ويو آهي، هن چيو ته اسان عمران خان کي چيو ته پهرين قانونسازي ڪريون پوءِ انهي قانون تحت عدالت ۾ ڪيس ڪيو وڃي پر هن اسان جي ڳالهه نه مڃي ۽ پنهنجي سياست چمڪائڻ جي چڪر ۾ سڄي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو.