آصف زرداري سان مخدوم رفيق الزمان جي ملاقات، ترقياتي منصوبن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون****سانگهڙ ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 8 زخمي****لاڙڪاڻي ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو، معصوم ٻارڙو، عورت ۽ نوجوان قتل، 5 ڄڻا زخمي****آصف زرداري جلسي کي خطاب ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو
”نواز شريف صادق ۽ امين ناهي“ مخالف ڌر ۽ سپريم ڪورٽ بار پاران وزيراعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ / مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس ڪيس جي حوالي سان فيصلو اچڻ کانپوءِ مخالف ڌر جي مک پارٽين ۽ سپريم ڪورٽ بار پاران وزيراعظم نواز شريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ سپريم ڪورٽ بار جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي ۾ موجود آفيسر وفاقي حڪومت جا ملازم هوندا ۽ وزيراعظم جي عهدي تي ويٺل نواز شريف جي موجودگي ۾ اهي صحيح نموني جاچ ڪري نه سگهندا ۽ پراڻي تاريخ اها ٻڌائي ٿي ته نواز شريف انهن تي اثر انداز ٿيڻ جي سڌي ۽ اڻسڌي ڪوشش ڪندو، جنهن ڪري ڪيس جي جاچ تي اثر پئجي سگهي ٿو ۽ هنن اهو به چيو ته فيصلي ۾ ٻن سڀني کان سينئر ججن نواز شريف کي نااهل ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو، ان ڪري اخلاقي طور تي به نواز شريف کي هاڻي هن عهدي تي رهڻ جو ڪو به جواز ڪونهي. اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽيءَ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاناما ليڪس تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪندي وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. آصف علي زرداري چيو ته ٻن سينيئر ججن کي سلام ٿو پيش ڪيان جن اهو فيصلو ڪيو ته وزير اعظم کي نااهل قرار ڏنو وڃي، وزيراعظم کي فوري طور استعفيٰ ڏيڻ گهرجي. مون کي خبر آهي ته هو آخري ساهه تائين استعيفيٰ نه ڏيندو پر اسان پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهي رد عمل ڏينداسين نواز شريف جو بيان ٿاڻي ۾ ورتو ويندو يا آفيسر وزيراعظم هائوس اچي بيان وٺندا؟، جونيئر ججن جي اڪثريت عوام جو مذاق اڏايو. جي آءِ ٽي جوڙڻ نواز شريف کي ڀڄڻ جو رستو ڏيڻ جي برابر آهي. جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪي تاريخ  ۾ اهڙو فيصلو ناهي آيو، سپريم ڪورٽ جي ججن کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو، جي آءِ ٽي بڻائڻ جو مقصد اهو آهي ته نواز شريف جي موقف کي رد ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته 2 ججن وزير اعظم کي صادق ۽ امين قرار ناهي ڏنو، جاچ ٽيم وزير اعظم جي استعيفيٰ کان سواءِ ڪم نٿي ڪري سگهي ۽ وزير اعظم ان عهدي تي رهڻ وارو اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي. نواز شريف وٽ عهدي تي رهڻ جو اخلاقي جواز ناهي، نواز شريف جو عهدي تي رهڻ ان ڪري بهتر ناهي جو هن خلاف جاچ ٿيندي، جي آءِ ٽي جي جاچ تائين نواز شريف استعيفيٰ ڏئي. هن چيو ته وزير اعظم ڪرسي تي ويٺو رهيو ته جاچ اثرانداز ٿي سگهي ٿي، اهو ائين ئي آهي جيئن عزير بلوچ تي جي آءِ ٽي جاچ ڪري رهي آهي، جي آءِ ٽي جي بڻجڻ سان وڌيڪ انڪشاف ٿيندا ۽ عوام روڊن تي نه نڪري ها ته ائين ڪڏهن به نه ٿئي ها. مسلم ليگ ق به وزيراعظم نواز شريف کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، خميس ڏينهن پاناما ليڪس ڪيس جي فيصلي کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت حسين چيو ته سپريم ڪورٽ جي ۲ ججز فيصلو ڏنو آهي ته وزيراعظم نوازشريف نااهل آهي ۽ آرٽيڪل ٦۲،٦۳ تي پورو ناهي لٿو، هن چيو ته جي آءِ ٽي کي رد ڪيون ٿا، ڪنهن جج ناهي چيو ته وزيراعظم صادق ۽ امين آهي، ان لاءِ وزيراعظم نوازشريف استيعفيٰ ڏئي جوائينٽ انويسٽيگيشن ٽيم جي سامهون پيش ٿئي. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اخلاقي طور تي پاناما جو فيصلو وزيراعظم لاءِ ٿپڙ آهي، نواز شريف تي ڪرپشن ثابت ٿي وئي آهي، وزيراعظم فوري طور استعيفيٰ ڏي، پنجن مان ٻن ججن اهو چيو آهي ته وزيراعظم هاڻي اهل ناهي رهيو، پنجن ججن اهو به لکيو آهي ته ڪرپشن ڪئي وئي آهي پر ان جي وڌيڪ جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ جي آءِ ٽي هجڻ گهرجي، وزيراعظم ۽ سندس حڪومت کي ڪلين چٽ ناهي ملي، ان ڪري وزيراعظم فوري طور تي استعيفيٰ ڏي، اسان نه جهڪيا آهيون نه ئي وري ٿڪا آهيون، نه ئي دٻاءُ ۾ آهيون، انشاالله اهو سفر جاري رهندو، جيستائين ملڪ مان ڪرپشن ختم نٿي ٿئي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد جماعت اسلامي جي اڳواڻن ۽ قانوني صلاحڪارن کان مشوري بعد اسلام اباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته عام طور تي جي آءِ ٽي دهشتگردن خلاف جاچ لاءِ بڻائي ويندي آهي، وزيراعظم جاچ ٿيڻ تائين پنهنجا اختيار اسعتمال نه ڪري ۽ اخلاقي طور عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هوڏانهن سپريم ڪورٽ بار به وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ بار جي سيڪريٽري آفتاب باجوا چيو آهي ته وزيراعظم جي موجودگي ۾ جي آءِ ٽي معاملي جي شفاف جاچ نٿي ڪري سگهي، ڇو جو سمورا آفيسر وزيراعظم جي ماتحت آهن، وزيراعظم نواز شريف استعيفيٰ ڏئي ته جيئن جي آءِ ٽي معاملي جي آزاداڻي جاچ ڪري سگهي، ٻئي پاسي پاڪستان بار ڪائونسل پاناما ڪيس جو فيصلو جي آءِ ٽي جي فيصلي سان مشروط قرار ڏنو آهي، پاڪستان بار ڪائونسل جي نائب چيئرمين احسن ڀون جو چوڻ هو ته سياسي جماعتون عوام کي گمراهه ڪري رهيون آهن، جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ بار فيصلي کي آئين ۽ قانون مطابق قرار ڏنو آهي.