شفاف جاچ لاءِ وزير اعظم کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي: ترجمان پي ٽي آءِ****افغانستان ۾ آمريڪي بم حملي ۾ را ۽ اين ڊي ايس لاءِ ڪم ڪندڙ 15 ڀارتي به مارجڻ جو انڪشاف****ايندڙ سال 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي: اسحاق ڊار****نوازليگ ۽ پ پ عوام سان سدائين ڪوڙ ڳالهايو ۽ دوکا ڏنا: سراج الحق
”نواز شريف نااهل ناهي“ سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس ۾ مني ٽريل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ وزيراعظم نواز شريف پنهنجي عهدي تي رهڻ جي اجازت ڏيندي جاچ جي لاءِ جي آءِ ٽي قائم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 60 ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ ۽ حديبيه پيپرز مل جو ڪيس ٻيهر شروع ڪري رپورٽ 45 ڏينهن ۾ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم سندس پٽن کي جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيڻ جو چيو ويو آهي، جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ پاران محفوظ ڪيل فيصلو ڪورٽ نمبر هڪ ۾ پڙهي ٻڌايو ويو، فيصلو 547 صفحن تي ٻڌل آهي، فيصلي ۾ ٻن ججن جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ جسٽس گلزار احمد وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيندي کيس فوري طور تي هٽائڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته ٽن ججن وزيراعظم کي صادق ۽ امين نه هجڻ باوجود عهدي تي برقرار رکندي جي آءِ ٽي ٺاهي جاچ ڪرڻ جو اڪثريتي فيصلو ڏنو، جسٽس آصف سعيد کوسا فيصلو پڙهي ٻڌائيندي چيو ته فيصلي ۾ سڀني پنهنجي راءِ ڏني آهي اميد آهي ته فيصلو ٻڌڻ وقت عدالت ۾ ڪنهن به قسم جي جذبن جو اظهار نه ڪيو ويندو، پاناما ڪيس جو فيصلو جسٽس اعجاز افضل خان لکيو، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته جي آءِ ٽي ٺاهي ان ڳالهه جي جاچ ڪئي وڃي ته رقم قطر ڪيئن منتقل ٿي، حسن ۽ حسين نواز لنڊن ۾ فليٽ ڪيئن خريد ڪيا، اثاثا جده مان ڪيئن منتقل ڪيا ويا، ڇا حماد بن جاسم جو خط حقيقت تي ٻڌل آهي يا مفروضو آهي، جڏهن ته عدالت نيب چيئرمين جي حوالي سان سخت ريمارڪس ڏيندي چيو ته آهي نيب چيئرمين پاناما ڪيس ۾ وزيراعظم سان ڳٺ جوڙ ڪئي آهي ۽ نيب چيئرمين پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري هاڻي جي آءِ ٽي ٺاهي وڃي جنهن جو سربراهه ايف آءِ اي جو ڊائريڪٽر هجي، جڏهن ته ان ۾ نيب، ملٽري انٽيلي جنس، آءِ ايس آءِٰ، پاڪستان سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن ۽ پاڪستان اسٽيٽ بئنڪ جي نمائندن کي شامل ڪيو وڃي. جي آءِ ٽي ٻن مهينن ۾ جاچ مڪمل ڪري ۽ جي آءِ ٽي هر ٻن هفتن کانپوءِ پنهنجي رپورٽ پيش ڪري، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته جي آءِ ٽي جي جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ چيف جسٽس هڪ خصوصي بينچ جوڙيندو جيڪا ان رپورٽ جي بنياد تي وزيراعظم جي نااهلي جو فيصلو ڪندي. جڏهن ته وزيراعظم سندس پٽن کي جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ان ڳالهه جي به جاچ ڪئي وڃي ته ننڍڙي عمر جي ٻارن 90 جي ڏهاڪي ۾ لنڊن ۾ فليٽس ڪيئن خريد ڪيا، گلف اسٽيل مل ڪئين ٺهي ۽ وڪرو ڪيئن ٿي، گلف اسٽيل وڪرو ٿي ته رهتون ڪيئن منتقل ٿيون، حسن نواز انهن ڪمپنين کي ڪيئن حاصل ڪيو، هل ميٽل فليڪشپ انويسٽمينٽ لميٽيڊ ۽ ٻين ڪمپنين لاءِ پئسو ڪٿان آيو، قطرين جي فليٽ ۾ شيئرز بابت به آگاهي ڏني وڃي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ٻڌڻي دوران اوچتو قطري شهزادي جو خط اچي وڃڻ حقيقت آهي ته يا افسانو، انهن ڪمپنين کي هلائڻ لاءِ اربين روپين جي سيڙپڪاري ڪٿان آهي، نيلسن ۽ نيسڪول ڪمپنين مان فائدو کڻندڙ ڪير آهن، ۽ نواز شريف جي ٻارن ڪروڙين روپين جا تحفا ڪيئن ڏنا، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته انهن معاملن جي جاچ عام وقتن تي نيب جو چيئرمين ڪندو آهي پر نيب چيئرمين پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي ان لاءِ جي آءِ ٽي ٺاهي وئي آهي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ حديبيه پيپرز مل ڪيس ٻيهر کولڻ ۽ 45 ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ پاناما پيپرز ڪيس جي فيصلي ۾ حديبيه پيپرز مل ڪيس کي ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي جاچ 45 ڏينهن ۾ مڪمل ڪري عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، حديبيه پيپرز ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار وزيراعظم خلاف سلطاني شاهد بڻيو هو پر بعد ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته پرويز مشرف کائنس زوري بيان ورتو، جڏهن ته حديبيه پيپرز ملز ڪيس ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن هو بيان تان ڦري ته کيس قانون موجب هڪ ڏوهاري طور ڪيس ۾ ٻيهر شامل ڪيو وڃي، جڏهن ته جسٽس آصف سعيد کوسا پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف قومي اسيمبلي ۾ تقرير ۽ خطاب ۾ الاهي متضاد ڳالهيون ڪيون آهن ۽ پاڪستان جي ائين موجب هاڻي هو صادق ۽ امين ناهي رهيو ان لاءِ هو قومي اسيمبلي جو ميمبر رهڻ جي اهل نه آهي، جڏهن ته جسٽس آصف سعيد کوسا پنهنجو اخلافي نوٽ فرانس جي مشهور ناول گاڊ فادر جي جملي سان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڪاميابي جو راز هڪ ڏوهه ۾ لڪل ۾ هوندو آهي جيڪو مهارت سان سرانجام ڏيڻ سبب سامهون نٿو اچي، ۽ دولت جي هر ذخيري جي پويان جرم جي هڪ داستان هوندي آهي ۽ اهو فقط اتفاق آهي جو ميان نواز شريف جي پاناما ڪيس سان ان جي هڪجهڙائي ظاهر ٿئي ٿي.