آصف زرداري سان مخدوم رفيق الزمان جي ملاقات، ترقياتي منصوبن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون****سانگهڙ ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 8 زخمي****لاڙڪاڻي ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو، معصوم ٻارڙو، عورت ۽ نوجوان قتل، 5 ڄڻا زخمي****آصف زرداري جلسي کي خطاب ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو
پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز ۾ پهرين ٽيسٽ اڄ کان شروع، رانديگرن جي ڀرپور ٽريننگ

جميڪا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ مئچ اڄ کان شروع ٿيندي، جميڪا ۾ پهرين ٽيسٽ مئچ کان اڳ رانديگر ڀرپور ٽريننگ ڪئي، ڪوچ پنهنجي نگراني ۾ 3 ڪلاڪ تائين رانديگرن کان ٽريننگ ڪرائي، سخت ٽريننگ سبب رانديگرن جا پگهر نڪري ويا، ڪوچ طرفان خاص ڌيان فيلڊنگ تي ڏنو ويو، فاسٽ بالر حسن انجري سبب ٽريننگ ۾ حصو نه ورتو، جنهن ڪري پهرين ٽيسٽ ۾ سندس شموليت جا امڪان ناهن، قومي ٽيم ٻه فاسٽ بالر ۽ ٻه اسپنرز سان ميدان تي لهندي، شاداب خان، ياسر شاهه، محمد عامر ۽ وهاب رياض بالنگ جو واڳون سنڀاليندا، جڏهن ته اظهر علي ۽ احمد شهزاد اوپننگ ڪندا.