شفاف جاچ لاءِ وزير اعظم کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي: ترجمان پي ٽي آءِ****افغانستان ۾ آمريڪي بم حملي ۾ را ۽ اين ڊي ايس لاءِ ڪم ڪندڙ 15 ڀارتي به مارجڻ جو انڪشاف****ايندڙ سال 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي: اسحاق ڊار****نوازليگ ۽ پ پ عوام سان سدائين ڪوڙ ڳالهايو ۽ دوکا ڏنا: سراج الحق
سوناڪشي سنها جي فلم ”نور“ اڄ رليز لاءِ تيار، ٽڪيٽون اڃا تائين مڪمل وڪرو نه ٿيون

ممبئي(ڪلچرل نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها جي فلم ”نور“ اڄ ڀارت سميت پوري دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي، ڪراچي يو آر ڪلنگ مي ناول تان متاثر ٿي ٺاهيل فلم ۾ سوناڪشي سنها هڪ صحافڻ جي ڪردار ۾ نظر ايندي، آئي پي ايل سبب فلم جون ٽڪيٽون اڃا تائين مڪمل وڪرو نه ٿيون آهن، جنهن ڪري چيو پيو ته شايد فلم کي خاص موٽ نه ملندي، ٻي  طرف فلمي پنڊتن به فلم کي ڪا خاص موٽ نه ملڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، پر اداڪارا طرفان مثبت ڳالهه سامهون آئي آهي، سوناڪشي سنها چيو آهي ته فلم نور ۾ مداحن جي ڏسڻ لاءِ ڪافي ڪجهه آهي، ڪهاڻي بهترين آهي، يقين آهي ته مداح فلم کي سٺي موٽ ڏيندا.