شفاف جاچ لاءِ وزير اعظم کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي: ترجمان پي ٽي آءِ****افغانستان ۾ آمريڪي بم حملي ۾ را ۽ اين ڊي ايس لاءِ ڪم ڪندڙ 15 ڀارتي به مارجڻ جو انڪشاف****ايندڙ سال 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي: اسحاق ڊار****نوازليگ ۽ پ پ عوام سان سدائين ڪوڙ ڳالهايو ۽ دوکا ڏنا: سراج الحق
شرجيل ميمڻ کي گرفتار ڪري پيپلز پارٽي کان سياسي انتقام ورتو ويو آهي: عاجز ڌامراهه

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ عاجز ڌامراهه جي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي چيو آهي ته شرجيل انعام ميمڻ جي گرفتاري جي جي مذمت ڪيون ٿا، نيب پاران سندس گرفتاري توهين عدالت آهي، هن چيو ته شرجيل انعام ميمڻ کي گرفتار ڪري پيپلز پارٽي کان سياسي انتقام ورتو ويو آهي. نه صرف مذمت پر سندس گرفتاري واري عمل تي احتجاج پڻ ڪيون ٿا. ۽ عدالتن کان مطالبو ڪيو ٿا ته پاڻمرادو نوٽس ورتو وڃي. نئب کي مخاطب ٿيندي عاجز ڌامراھ چيو ته نئب اختيارين کان سوال ڪيون ٿا ته ڇا وزيراعظم نواز شريف سميت ٻين جن به ماڻهن مٿان ريفرنس داخل ٿيل آهن انهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي؟  عاجز ڌامراھ وڌيڪ چيو ته اهڙين ڪارواين کان پوءِ قومي احتساب بيورو جو نالو تبديل ڪري سنڌ انتقامي بيورو نالو رکيو وڃي، نئب کي پ پ پ جي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي، ان جا نتيجا خراب نڪرندا. ان معاملي جو سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي. عاجز ڌامراهه سڀاڻي شرجيل انعام ميمڻ عدالت ۾ پيش ٿيندو، عدالت طرفان جيڪو فيصلو آيو اهو فيصلو قبول هوندو.