آصف زرداري سان مخدوم رفيق الزمان جي ملاقات، ترقياتي منصوبن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون****سانگهڙ ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 8 زخمي****لاڙڪاڻي ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو، معصوم ٻارڙو، عورت ۽ نوجوان قتل، 5 ڄڻا زخمي****آصف زرداري جلسي کي خطاب ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو
نواز شريف قوم جي اخلاقي حمايت وڃائي چڪو آهي: آصف زرداري

ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته پاڪ آرمي جي جوانن ۽ آفيسرن جي قربانين کي سامهون رکندي فوجي عدالتن جي حمايت ڪئي، وزيراعظم نواز شريف قوم جي اخلاقي حمايت وڃائي چڪو آهي، پيپلز پارٽي ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي سان اڀرندڙ سياسي قوت بڻجندي، فاٽا جي عوام جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي لاءِ پنهنجو نمائندو چونڊڻ لاءِ خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪيو وڃي، پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي خراب صورتحال سبب ترقياتي رٿائون ڪامياب نٿيون ٿي سگهن، واضح رهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري بطور تجزئيڪار نجي ٽي وي چينل ”بول“ جوائن ڪري ورتو آهي، هن نجي ٽي وي پروگرام ۾ بطور تجزئيڪار چيو ته چونڊن ۾ هارائڻ يا کٽڻ سياسي عمل جو حصو آهي، جديد ٽيڪنالاجي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ اهم آهي، اليڪٽرانڪ مشينن ذريعي ووٽنگ جي عمل سان ملڪ ۾ چونڊ ڌانڌلي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي.