ملڪ جي سمورين ڌرين ۾ مضبوط رشتي لاءِ قرارداد پاڪستان تي عمل ڪيو وڃي: بلاول8***سينيٽ پاران پاڪستان آرمي ايڪٽ (ترميمي) بل 2017ع منظور****هنگو ۾ آپريشن، پنج دهشتگرد مارجي ويا، ميجر سميت ٻه جوان شهيد****برطانوي پارليامينٽ ٻاهران هٿياربندن جي فائرنگ، پوليس اهلڪار سوڌو 3 ڄڻا قتل
شرجيل ميمڻ جي ايئرپورٽ تان گرفتاريءَ جو ڊرامو ڪيو ويو: شيخ رشيد

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته منهنجي وات ۾ خاڪ پر جيڪڏهن انصاف نه مليو ته ملڪ زنده نه رهندو جڏهن ته (ن) ۽ قانون ۾ ڪنهن هڪ جو جنازو نه نڪتو ته پوءِ رت نڪرندو، لاهور ۾ منهاج القرآن جي اهتمام هيٺ گڏيل شادين جي تقريب کي خطاب ڪندي عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد جو چون هو ته ماڻهو موجوده نظام مان تنگ ٿي ويا آهن، هتي جمهوريت جي نالي تي ڊڪٽيٽر شپ آهي، جيترا وڏا ڪرپٽ ماڻهو پاڪستان ۾ اچي وات صاف ڪندا آهن ٻئي ڪنهن هنڌ ايئن ناهي ٿيندو، هتي چورن، ڌاڙيلن ۽ منافقن ٻڌي جوڙي ورتي آهي ۽ ان هڪ هٽي ءَ کي ٽوڙڻ جي لاءِ سڀني کي اٿڻو پوندو، شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته 2017ع پاڪستان جي سياست جو اهم ترين سال آهي ان ڪري عوام هوش ۽ سچائيءَ کان ڪم وٺي. شيخ رشيد چيو ته شرجيل ميمڻ جي ايئرپورٽ تان گرفتاريءَ جو ڊرامو ڪيو ويو، شرجيل ميمڻ جي گرفتاري ۽ آزادي ملٽري ڪورٽن وٽ ڊيل جو نتيجو آهي جڏهن ته شرجيل ميمڻ کان پوءِ ڊاڪٽر عاصم ۽ عزير بلوچ جو به ڪارڊ هلي پوندو، هن چيو ته ڪجھه ماڻهو نالو اسلام جو وٺندا آهن پر ڇانوڻي اسلام آباد ۾ هڻندا آهن جڏهن اسان جي ملڪ ۾ کير، دوا ۽ حڪومت به خالص ناهي، آمريڪي صدر اوباما جي ڌيءُ پيءُ جي صدارت تان فارغ ٿيڻ کان پوءِ خانگي هوٽل ۾ ڪندي آهي پر اسان جي ڌيءُ لنڊن ۾ 800 ڪروڙ رپين جي فليٽن جي مالڪ آهي