آصف زرداري سان مخدوم رفيق الزمان جي ملاقات، ترقياتي منصوبن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون****سانگهڙ ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 8 زخمي****لاڙڪاڻي ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو، معصوم ٻارڙو، عورت ۽ نوجوان قتل، 5 ڄڻا زخمي****آصف زرداري جلسي کي خطاب ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو
ڇا نيب رڳو پ پ ۽ سنڌ لاءِ آهي، شريف ڀائر ۽ ڊار ڇو اي سي ايل ۾ شامل ناهن: شرجيل ميمڻ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب طرفان گرفتار ڪرڻ کانپوءِ آزاد ٿيندڙ شرجيل انعام ميمڻ احتساب بيورو جي انهيءَ قدم کي توهين عدالت قرار ڏيندي چيو آهي ته مون وٽ ضمانت جا ڪاغذ موجود هئا، عدالت جي اجازت سان ئي وطن واپس آيو آهيان، اشتهارن ۾ پنج ارب رپين جي ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرس ڪندي نيب تي سخت ڇوهه ڇنڊيا ۽ ٻڌايو ته آگسٽ 2015ع تي منهنجو ڪراچي ۾ علاج هلي رهيو هو، وڌيڪ علاج لاءِ پرڏيهه ويس، ڊاڪٽرن مڪمل طور تي سفر نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو، ٻن مهينن بعد اوچتو منهنجو نالو اي سي ايل ۾ اچي ويو، جنهن بعد مون عدالت سان رجوع ڪيو، شرجيل انعام چيو ته اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ بعد ڪنهن به قسم جو نوٽيس نه ڏنو ويو ۽ پوءِ آڪٽوبر 2016ع تي منهنجي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته منهنجو موقف ٻڌڻ کانسواءِ سموريون ڪارروايون ڪيون ويون، هڪ ٽي وي چئنل منهنجي گهر مان 2 ارب رپيا برآمد ٿيڻ جي غلط خبر هلائي، مون چئنل جي خلاف دعويٰ داخل ڪئي، پر ان جي خلاف اڄ ڏينهن تائين ڪارروائي نه ڪئي وئي. شرجيل انعام واضح ڪيو ته وطن واپسي کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان ضمانت ورتي، عدالت کي درخواست ڪئي ته آئون ڪيسن کي منهن ڏيڻ چاهيان ٿو، جنهن بعد آئون سمورن ڪيسن کي منهن ڏيڻ آيو آهيان، پنهنجي خلاف داخل ٿيل ڪيسن جو مطالعو ڪرڻ بعد جواب تيار ڪندس، هن اهو به چيو ته منهنجي خلاف ڪرپشن جا الزام فخر جي ڳالهه ناهي، جيڪڏهن جرم ثابت ٿي وڃي ته مون تي رحم نه ڪيو وڃي، بلڪه ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته آئون ڄاڻان ٿو ته نيب ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، نيب شريف ڀائرن، اسحاق ڊار ۽ راڻا مشهور جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪري؟ هڪ ملڪ ۾ ٻه قانون ڇو آهن، راڻا مشهود جي وڊيو ڪنهن کي نظر ڇو نٿي اچي، نوازشريف جي نيب خلاف ڳالهائڻ بعد نيب ڪارروايون ڇو بند ڪري ڇڏيون؟ نيب صرف پ پ ۽ سنڌ لاءِ بڻائي وئي آهي، پاناما وارن لاءِ ڌار ۽ پ پ لاءِ خصوصي قانون آهي، هن جو چوڻ هو ته اسلام آباد ايئرپورٽ تي سادا ڪپڙا پهريل ماڻهن گهيريو، پڇڻ جي باوجود انهن پنهنجو تعارف نه ڪرايو، مون کي گرفتار نه پر اغوا ڪيو ويو، پاڪستان ۾ جهنگ جو قانون آهي ڇا؟ هن چيو ته ضمانت جي باوجود آئون روزانو نيب آفيس وڃڻ لاءِ تيار آهيان، مون کي کنڀيندڙن عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، پر آئون انهن کي معاف ڪريان ٿو. شرجيل انعام چيو ته ڪنهن کي اهڙي طريقي سان گرفتار ڪرڻ جو طريقو ٺيڪ ناهي، موجوده وزيرن سان بدتميري ۽ ڌڪا ڏيڻ درست عمل ناهي، مون کي عدالتن تي اعتماد آهي ۽ انهن جو فيصلو قبول ڪندس، ميان صاحب جي نگري ۾ لٿس، نوازشريف، چوڌري نثار جي مهمان نوازي جو ٿورو مڃان ٿو، منهنجي گرفتاري سان شايد نيب خوش ٿي هجي