آصف زرداري سان مخدوم رفيق الزمان جي ملاقات، ترقياتي منصوبن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون****سانگهڙ ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 8 زخمي****لاڙڪاڻي ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو، معصوم ٻارڙو، عورت ۽ نوجوان قتل، 5 ڄڻا زخمي****آصف زرداري جلسي کي خطاب ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو
وفاق جا ناجائز قدم برداشت نه ڪنداسين، جيالا ڀڄڻ وارا ناهن، شرجيل عدالتي حڪم تي ڏيهه موٽيو آهي: مراد علي شاهه

 خيرپور/حيدرآباد/ ڪوٽڏيجي( نمائندن وٽان)  وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه جي خيرپور آمد، قائم علي شاهه ۽ منظور وساڻ سان ملاقاتون، وليمي ۾ شرڪت وفاق کي آدمشماريءَ بابت شڪايتن جي ازالي لاءِ مڪينزم جوڙڻ گهرجي، جنهن طريقي سان آدمشماري ٿي رهي آهي تنهن کي آخر ۾ ڪير به قبول نه ڪندوآدمشماريءَ دوران هر بلاڪ بابت سمري فارم ڀري هر ماڻهوءَ جي معلومات لاءِ ويب سائيٽ تي رکيو وڃي پيپلزپارٽي ڪنهن جي جاگير ناهي، خدمتون ڪرڻ واري کي پارٽيءَ هميشه ڀليڪار چيو آهي اسين ڪنهن کي پارٽيءَ مان ڪڍندا نه آهيون، قيادت جو هر فيصلو قبول هوندو.شرجيل ميمڻ عدالتي ضمانت ڏيکارڻ بعد آزاد ٿيو ۽ هو سڀاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو.فاروق ستار کي شرجيل جيان ضمانت ڪرائي عدالتي حڪمن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي سيد مراد علي شاهه جون ميڊيا سان ڳالهيون تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آدمشماريءَ بابت شڪايتن ۽ اعتراضن جي ازالي لاءِ وفاقي حڪومت کي ڪو مڪينزم جوڙڻ گهرجي، جنهن طريقي سان آدمشماري ٿي رهي آهي تنهن کي آخر ۾ ڪابه ڌر قبول ڪونه ڪندي، هر بلاڪ جي ڪُل آبادي، مردن ۽ عورتن جي تعداد بابت معلومات حڪومت ڇا پر هر عام ماڻهوءَ لاءِ ويب سائيٽ تي رکڻ گهرجي، ته جيئن آدمشماري وارو عمل صاف ۽ شفاف يقيني بڻجي سگهي، خبر ناهي ڇو آدمشماري واري عمل کي تمام ڳجهو ۽ لڪ ڇپ ۾ رکيو ويو آهي، اسين سنڌ جي اعتراضن بابت آدمشماري بابت انچارج وزير ۽ وفاقي وزير اسحاق ڊار کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. جيلاني هائوس خيرپور ۾ اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هر ضلعي ۾ ڊسٽرڪٽ سينسز آفيسرن کي هدايت ڪئي وڃي ته اُهي هر بلاڪ جي سمري انفارميشن ٺاهي اعتراضن ۽ شڪايتن لاءِ پڌري ڪن ۽ اُنهن انگن اکرن بابت ڪو ماڻهو شڪايت يا اعتراض ڪري ته اهي ٻڌڻ لاءِ ڪو هجي ۽ انهن جو ازالو ڪيو وڃي، ان سان صاف شفاف آدمشماري ٿي سگهندي ۽ ماڻهن جو ان تي اعتماد ٿي سگهندو، جيڪڏهن ماڻهن کي آدمشماري واري عمل تي بي اعتمادي هوندي ته پوءِ ان کي ڪير به قبول نه ڪندو. هن چيو ته جنهن طريقي سان هينئر آدمشماري ٿي رهي آهي، ان کي آخر ۾ ڪابه ڌر يا اسٽيڪ هولڊر قبول نه ڪندي سڀ ڪو چوندو ته اهو غلط ٿيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه پيپلزپارٽي ڪنهن جي جاگير ناهي هيءَ ماڻهن جي پارٽي آهي ۽ ان ۾ خدمت ڪرڻ وارن کي هميشه ڀليڪار چيو ويندو ۽ جيسيتائين وٽن عوامي خدمت جو جذبو هوندو پارٽيءَ ۾ رهندا، پارٽي قيادت جيڪو به فيصلو هوندو اهو سڀني کي قبول هوندو. شرجيل ميمڻ جي گرفتاري ۽ آزادي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعليٰ سنڌ جو چوڻ هو ته شرجيل ميمڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران مليل بيل آرڊر تحت پاڪستان آيو ۽ عدالت جو حڪم هو ته هو 20 تاريخ تي ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو ۽ ان کان اڳ کيس گرفتار نه ڪيو ويندو، اسين قانون کان مٿانهين ڪا به شيءِ نه ڪنداسين، کيس اطلاع آهن ته شرجيل ميمڻ سڀاڻي 20 مارچ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو ۽ هو عدالت جو فيصلو قبول ڪندو. اِن کان اڳ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه اڳوڻي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه، پير فضل حسين شاهه غزاله سيال ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. بعد ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پ پ اڳواڻ سيد جاويد علي شاهه جيلاني سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وساڻ هائوس خيرپور تي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ايم اين اي حاجي نواب خان وساڻ، ضلعي چيئرمين شهريار وساڻ، منور وساڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وساڻ هائوس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته فاروق ستار ڪجهه ڪيسن ۾ گهربل آهي، جنهن ۾ هُن ضمانت نه ورتي هئي، کيس گهرجي ته هو عدالت مان شرجيل ميمڻ جيان ضمانت حاصل ڪري ۽ عدالتي حڪمن جي پاسداري ڪري. بعد ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ناليواري اديب ۽ شاعر مختيار ملڪ جي ڀائٽي ساگر امتياز ملڪ جي شاديءَ جي تقريب ۾ شرڪت پڻ ڪئي. هوڏانهن سيد مراد شاهه سيوهڻ ۾ درگاهه  حضرت لعل شهباز قلندر جي مزارتي حاضري ڀري، ان موقعي تي هن لاڳاپيل عملدارن کي چتاءُ ڏنو آهي ته  درگاهه  حضرت لعل شهباز قلندر تي سيڪيورٽي ۾ ڪوتاهي ۽ درگاهه  جي بحالي واري ڪم ۾ سستي ڪئي وئي ته سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي  _ هو گذريل رات دير سان حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه جو اوچتو دورو ڪري رهيو هو _ هن چيو ته درگاهه  تي ايندڙ پانڌيئڙن جي حفاظت اسانجي پهرين ترجيح آهي _هن درگاهه تي سيڪيورٽِي جي ناقص انتظامن جو نوٽيس وٺندي انتظاميه تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ کين هدايت ڪئي ته هو پنهنجو قبلو درست ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي _سنڌ جي وڏي وزير  درگاهه لعل شهباز قلندرجي بحالي واري ڪم ۾ سست رفتاري تي اوقاف ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي عملدارن تي پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو _ ان موقعي تي لاڳاپيل عملدار ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا-ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه درگاهه حضرت لعل شهباز قلندر تي حاضري ڀري فاتح خواني ڪئي _ بعد ۾ هن درگاهه جي مختلف حصن جو معائنو پڻ ڪيو ٻئي طرف وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ وساڻ ھائوس خیرپور ء جيلاني ھائوس خيرپور پھتو ان موقعي تي سيد مراد علي شاھ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو تہ وفاقي سرڪار جي غير قانوني قدمن کي برداشت نہ ڪيو ويندو، ھن چيو تہ پ پ شھيدن ۽ غازين جي پارٽي آھي پ پ پ وارا ڀڄڻ وارن مان ناھن شرجيل ميمڻ عدالت ۾ پيش ٿيندو اسان ھميشہ عدليہ جو احترام ڪيو آھي عدالت سان ھر قسم جو سھڪار ڪيو ويندو شرجيل ميمڻ  ۽ فاروق ستار جا ڪيس مختلف آھن جڏھن ته فاروق ستار جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيل آھن کيس عدالت مان ضمانت ڪرائڻ گھرجي سيوھڻ سانحي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو تہ سيوھڻ سانحي بابت اھم شاھديون مليون آھن دھشتگردن ۽ سندن سھولتڪارن کي عبرت ناڪ سزا ڏني ويندي ان موقعي تي اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاھ، صوبائي وزير منظور حسين وساڻ، ايم اين اي حاجي نواب خان وساڻ ضلعي چيئرمين شھريار وساڻ، سيد جاويد شاهه، سيدہ نفيسہ شاھ، ايم پي اي غزالہ سيال، پ پ پ اڳواڻ منور علي وساڻ پڻ ساڻس گڏ ھئا سيد مراد شاھ ملڪ اقبال جي پٽ جي شادي واري دعوت م پڻ شرڪت ڪئي وڏي وزير جي خيرپور پھچڻ تي سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ھئا