ملڪ جي سمورين ڌرين ۾ مضبوط رشتي لاءِ قرارداد پاڪستان تي عمل ڪيو وڃي: بلاول8***سينيٽ پاران پاڪستان آرمي ايڪٽ (ترميمي) بل 2017ع منظور****هنگو ۾ آپريشن، پنج دهشتگرد مارجي ويا، ميجر سميت ٻه جوان شهيد****برطانوي پارليامينٽ ٻاهران هٿياربندن جي فائرنگ، پوليس اهلڪار سوڌو 3 ڄڻا قتل
مئچ فڪسنگ ۾ ملوث رانديگرن تي تاحيات پابندي لڳڻ گهرجي: مصباح الحق

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) مصباح الحق نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ميچ فڪسنگ جي معاملن تي قابلو ڪرڻ لاءِ سخت قانون ٺاهڻو پوندو، ۽ پي سي بي کي مئچ فڪسنگ ۾ ملوث رانديگرن تي تاحيات پابندي لڳائڻ کپي، مصباح الحق جو چوڻ هو ته ويسٽ انديز جو دورو آسان نه هوندو، اتي جي ڪنڊيشنز به مشڪلات باعث بڻجي سگهي ٿي ۽ ويسٽ انڊين ٽيم پنهنجي ڪنڊيشن جو ڀرپور فائدو به کڻندي آهي، سيريز جي لاءِ پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ ڊوميسٽڪ گريڊ 2 ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهيان، هن جو چوڻ هو ته رانديگرن جي سليڪشن سليڪٽرز جو ڪم آهي ان معاملي ۾ ڪا به ڳالهه نه ڪندس.