خانڳڙهه جي معصوم پراٿنا سان انصاف نه ٿيو، وارثن کي ڌمڪيون، بااثرن پاران راڄوڻي لاءِ دٻاءُ****پيپلز پارٽي پاران اي پي سي ۾ شرڪت لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي دعوت ڏني وئي****آسڪر ايوارڊ تقريب ۾ غلط اعلان، بهترين فلم لالالينڊ قرار، ايوارڊ مون لائٽ کي ڏنو ويو****اي سي او سمٽ لاءِ سيڪيورٽي پلان جي منظوري، سڀاڻي جاڙن شهرن ۾ عام موڪل جو اعلان
تحمل واري پاليسي ختم ڪري ڇڏي آهي، بيگناهه جانين جو بدلو فوري طور وٺنداسين: آرمي چيف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه تحمل واري پاليسي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هاڻ ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي ويندي، هاڻي بي گناهه جانين جو بدلو فوري طور تي ورتو ويندو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته قوم پرسڪون رهي اسان هاڻي تحمل واري پاليسي ختم ڪري ڇڏي آهي، بيگناهه جانين جو بدلو فوري طور تي وٺنداسين، هن چيو ته قوم اطمينان رکي اسان دشمنن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪ فوج سڀئي ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندي، پاڪ فوج قوم سان گڏ بيٺل آهي، قوم جي خون جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺنداسين ۽ هاڻي ڪنهن کي به ڇوٽ نه ملندي. ٻئي طرف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪ فوج جي جوانن کي فوري طور تي سيوهڻ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو، قلندر لال شهباز جي درگاهه تي خودڪش ڌماڪي کانپوءِ آرمي چيف پاڪ فوج جي جوانن کي فوري طورتي سيوهڻ پهچڻ جو حڪم ڏنو ۽ آرمي چيف زخمين کي فوري طور تي سي ايم ايڇ حيدرآباد منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ سي ايم ايڇ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي،