خانڳڙهه جي معصوم پراٿنا سان انصاف نه ٿيو، وارثن کي ڌمڪيون، بااثرن پاران راڄوڻي لاءِ دٻاءُ****پيپلز پارٽي پاران اي پي سي ۾ شرڪت لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي دعوت ڏني وئي****آسڪر ايوارڊ تقريب ۾ غلط اعلان، بهترين فلم لالالينڊ قرار، ايوارڊ مون لائٽ کي ڏنو ويو****اي سي او سمٽ لاءِ سيڪيورٽي پلان جي منظوري، سڀاڻي جاڙن شهرن ۾ عام موڪل جو اعلان
ڀارت ۽ چائنا جي دوستي تي ٺهندڙ فلم مان پريانڪا آئوٽ، دپيڪا پڊوڪون ڪاسٽ

ممبئي(ڪلچرل نيوز) ڀارت ۽ چائنا جي دوستي تي ٺهندڙ فلم ۾ مک ڪردار لاءِ پريانڪا چوپڙا جي جاءِ تي دپيڪا پڊوڪون کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي، فلم جي آڇ پهريان پريانڪا چوپڙا کي ڪئي وئي پر اداڪارا طرفان هالي ووڊ پراجيڪٽ ۾ مصروف هجڻ سبب حامي نه ڀري وئي، جنهن ڪري سندس جاءِ دپيڪا پڊوڪون سان رابطو ڪيو ويو، جنهن فلم جي اسڪرپٽ پڙهڻ بعد فوري حامي ڀري ورتي، ان سلسلي ۾ دپيڪا پڊڪون جو چوڻ آهي ته فلم جي ڪهاڻي تمام سٺي لڳي، خبر ناهي پريانڪا ڇو اهڙي ڪردار کي ٿڏي ڇڏيو، جڏهن اسڪرپٽ پڙهيو ته تمام خوش ٿيس ته ان فلم لاءِ منهنجي چونڊ ڪئي وئي آهي. فلم جي شوٽنگ هلندڙ سال جي آخر ۾ شروع ڪندس.