ڪراچي ۾ وحشي جوابدار معصوم نينگري کي لڄالٽ بعد زخمي حالت ۾ندي ۾ اڇلائي فرار****رينجرز جي ڪراچي اندر خصوصي اختيارن ۾ 90 ڏينهن جي واڌ، سمري منظور****جيڪو به ملڪ دشمن آهي ان کي نه ڇڏيندس: ايس ايس پي رائو انوار****پنجاب ۾ بلاول جي سياسي شروعات سان مخالفن ۾ هلچل آهي: مولا بخش چانڊيو
حميد جتوئي سدائين آمريت سان مهاڏو اٽڪايو: لياقت علي جتوئي

ميهڙ(ن ع) ميهڙ عوامي اتحاد پارٽي جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي وزير لياقت علي خان جتوئي سنڌ قومي اتحاد جي اڳوڻي چيئرمين ۽ قوم پرست پارليامينٽر اڳواڻ مرحوم عبدالحميد خان جتوئي جي 13 ورسي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عبدالحميد جتوئي سدائين آمريت سان مهاڏو اٽڪايو ۽ اصولن تي ڪا به سودي بازي نه ڪئي هن چيو ته ملڪ ۾ قتل قبضا خوري ۽ ڪرپشن ۽ اغوائن کي قانوني حثيت ملي وئي آهي نيب  ڏوهارين کي سزا ڏيڻ بجاءِ کين رعايتون ڏئي رهي آهي نواز شريف ۽ زرداري جي هوندي صحيح آدم شماري نه ٿيندي ۽ اها آدم شماري غير قانوني هوندي  هن چيو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جو اچڻ ضروري آهي اڪيلو عمران خان ئي ڪرپشن خلاف جدوجھد ڪري رهيو آهي هن چيو ته عمران جڏهن به آيو ته سندس آجيان ڪنداسين هن چيو ته پاناماليڪس ڪيس ۾ زرداري کي شامل ڪري سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي هن چيو ته اي ڊي خواجا سميت ڪنهن به ايماندار آفيسر کي سنڌ حڪومت برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هن چيو ته فيصل صالح حيات پ پ ۾ شموليت ڪري سياسي خودڪشي ڪئي آهي مان ڪڏهن به پ پ ۾ شامل نه ٿيندس هن چيو ته پ پ ۾ اهي ماڻهو شامل ٿي رهيا آهن جن کي ڪرپشن ڪرڻ جو شوق آهي هن چيو ته مراد شاه مجيد انور جي معرفت 6 ارب ڏئي سنڌ جي وڏي وزارت ورتي آهي نيب ۽ ٻيا ادارا خزاني جو صوبائي رڪاڊ هٿ ڪن ته مراد علي شاه جي ڪرپشن  سامهون اچي ويندي هن چيو ته هاڻي قائداعظم وارو پاڪستان نه پر مامي ڀاڻج وارو پاڪستان ٿي ويو آهي هن چيو ته مونکي ڪرپشن ڪندڙ ۽ درزڪو ڪم ڪندڙ سياست سيکارڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن هن چيو ته عزير بلوچ ۽ نثار مورائي جي عترافن تي ملو ث ما ڻهن خلاف  ڪيس داخل ڪيا وڃن هن چيو ته جيڪي سوچن ٿا ته ايندڙ چونڊن ۾ ڌانڌليون ٿينديون ۽ پوليس ڊي سي سندن ونگار وهندا اها سندن خواهش پوري نه ٿيندي عوام ڪرپٽ سياستدانن جو گھيراء ڪندو ان موقعي تي اڳوڻو ايم پي اي صداقت جتوئي احسان جتوئي نيا ز علي ٻرڙو  ذوالفقار کوکر عبدالمجيد تنيو سڪندر کونهارو ڊاڪٽر عباس مهيسر امير علي سهول ۽ ٻيا موجود هئا ان کا ن اڳ لياقت علي خان جتوئي ۽ ٻين اڳواڻن   مرحوم عبدالحميد خان جتوئي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري  وئي.۽ آيل ما ڻهن کي ما ني کا رائي وئي