ڪراچي ۾ وحشي جوابدار معصوم نينگري کي لڄالٽ بعد زخمي حالت ۾ندي ۾ اڇلائي فرار****رينجرز جي ڪراچي اندر خصوصي اختيارن ۾ 90 ڏينهن جي واڌ، سمري منظور****جيڪو به ملڪ دشمن آهي ان کي نه ڇڏيندس: ايس ايس پي رائو انوار****پنجاب ۾ بلاول جي سياسي شروعات سان مخالفن ۾ هلچل آهي: مولا بخش چانڊيو
ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ اجلاس، اسٽريٽ ڪرائيم متاثر علائقن جي ايس ايڇ او کي تبديل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(رپورٽ اي آر ڳاهو ) آٰءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ انسداد اسٽريٽ ڪرائيم جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، مشتاق احمد مهر، سي پي ايل سي جو چيف زبير حبيب سميت زونل ڊي آءِ جيز ڪراچي، ڊي آءِ جي سي آءِ اي، اي آءِ جي آپريشن سنڌ،اي آءِ جي ايڊمن پڻ شرڪت ڪئي.آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه اجلاس ۾ شريڪ پوليس آفيسرن کي حڪم ڏنو ته اسٽريٽ ڪرائيم جي روڪٿام جي لاء سخت اپاءَ ورتا وڃن،هن ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي ته آءِ ايس آيو کي اسٽريٽ ڪرائيم جي روڪٿام جي لاءِ خصوصي ٽاسڪ ڏنو وڃي، ان ڏس ۾ ايس ايس پي، ايس آءِ يو فاروق اعواڻ کي فوڪل پرسن مقرر جو باقائد اعلان ڪيو ويو ته جيئن سي پي ايل سي سان مضبوط لاڳاپن تحت اسٽريٽ ڪرائيم جي روڪٿام ۽ ملوث جوابدارن جي خلاف سموري ڪارروائي کي انتهائي مضبوط بڻايو وڃي. هن ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي  ۽ سي پي ايل سي جي چيف کي هدايت ڪئي ته چوري ۽ ڦر ڪيل موبائيل کي بند ڪرڻ جي حوالي سان سافٽ ويئر تيار ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، جيڪي اهڙي تمام موبائيل فونز جي آءِ ايم اي آءِ نمبر هفتي جي بنياد تي صرف رن ڪرڻ بلڪي رپورٽ به ان حوالي سان گڏ ڪري، هن آءِ اي جي آپريشن سنڌ کي هدايت ڪئي ته سافٽ ويئر جي تياري جي سلسلي ۾ پي ٽي آءِ موبائيل ڪمپني اي اين ايف، قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن سميت ٻين سمورن اسٽيڪ هولڊرن تي گڏيل اجلاس فوري طور تي طلب  ڪيو وڃي، هن ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي،سي پي ايل سي چيف کي هدايت ڪئي ته اسپتالن، مارڪيٽن، چيئمبرآف ڪامرس، انڊريز،ايف پي سي سي آءِ جي نمائيندن، انتطاميه جي مڪمل تعاون سان مختلف مارڪيٽن، اسپتالن ۽ ڪمرشل ايرياز ۾ سي سي ٽي وي ڪئمرائين  ۽ هيوي لائٽس لڳائڻ جا قدم کنيا وڃن، هن حڪم ڏنو ته اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ٻين مختلف نوعيت جي ڏوهن کان متاثر علائقن جي ايس ايڇ اوز کي تبديل ڪيو وڃي، بلڪي پر اهڙن تمام علائقن ۾ ڪارڪردگي سٺي رکندڙ آفيسرن کي ذميواريون ڏيڻ سان گڏ تفصيلي رپورٽ اماڻي وڃي، آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي سي آءِ اي کي هدايت ڪئي ته اسٽريٽ ڪرائيم جي حوالي سان سي آءِ او جي رڪارڊ، جيلن، ٿاڻن ۽ سي آءِ اي جي رڪارڊ کي سينڪرونائيزڊ ڪيو وڃي ته جيئن گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ ڪوائف جي تصديق کي يقيني بڻائي سگهجي، هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ڪنهن به ڪيس جي حوالي سان فريادي ۽ گرفتار جوابدار جي شناختي ڪارڊ نمبر  کي ايف آءِ آر ۾ لازمي درج ڪيو وڃي. هن پوليس کي هدايت ڪئي ته ڏوهن کان متاثر علائقن ۾ رينڊم اسنيپنگ چيڪنگ کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي ۽ شهرين جي پاران رپورٽ يا شڪايت تي فوري طور ريسپانس ڏنو وڃي ۽ بغير دير جي عمل ڪيو وڃي.