خانڳڙهه جي معصوم پراٿنا سان انصاف نه ٿيو، وارثن کي ڌمڪيون، بااثرن پاران راڄوڻي لاءِ دٻاءُ****پيپلز پارٽي پاران اي پي سي ۾ شرڪت لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي دعوت ڏني وئي****آسڪر ايوارڊ تقريب ۾ غلط اعلان، بهترين فلم لالالينڊ قرار، ايوارڊ مون لائٽ کي ڏنو ويو****اي سي او سمٽ لاءِ سيڪيورٽي پلان جي منظوري، سڀاڻي جاڙن شهرن ۾ عام موڪل جو اعلان
پاڪ فوج هر خطري کي منهن ڏيندي، دهشتگردن جي خاتمي تائين آپريشن هلندو: آرمي چيف

 راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته فوج ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، دهشتگردن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ جنرل هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي  ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال ۽ پاڪ فوج جي آپريشبل تيارين جو جائزو ورتو ويو، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا فوجي عدالتن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته فوجي عدالتن جيڪي فيصلا ڪيا، انهن سان دهشتگردي جي واقعن ۾ واضح گهٽتائي ٿي ۽ عدالتن مقرر وقت ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته ضرب عضب ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابيون اطمينان جوڳيون ۽ آپريشن جا هاڪاري نتيجا سامهون آيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا دهشتگردي خلاف آپريشن جاري رکڻ ۽ دهشتگردن کان خالي ڪرايل علائقن جي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، فوجي آپريشن سبب عارضي طور تي لڏپلاڻ ڪندڙن جي ٻيهر واپسي واري عمل کي پڻ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.  آرمي چيف بابر 3 ميزائل جي ڪامياب تجربي تي اسٽريٽجڪ آرگنائيزيشن کي مبارڪ ڏني.