ڪراچي ۾ وحشي جوابدار معصوم نينگري کي لڄالٽ بعد زخمي حالت ۾ندي ۾ اڇلائي فرار****رينجرز جي ڪراچي اندر خصوصي اختيارن ۾ 90 ڏينهن جي واڌ، سمري منظور****جيڪو به ملڪ دشمن آهي ان کي نه ڇڏيندس: ايس ايس پي رائو انوار****پنجاب ۾ بلاول جي سياسي شروعات سان مخالفن ۾ هلچل آهي: مولا بخش چانڊيو
ماضي جي حڪومتن پاران ڪم نه ڪرڻ سبب ملڪ بحرانن جو شڪار ٿيو: وزيراعظم

 اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته توانائي جي بحران، امن امان قائم ڪرڻ ۽ معيشت جي بحالي جهڙن وڏن مسئلن تي ضابطو آندو ويو آهي، تعمير ۽ ترقي جي منصوبن سان بيروزگاري جو خاتمو ٿيندو ۽ ملڪ ۾ خوشحالي ايندي، 180 ارب رپين جي پئڪيج تحت قدمن سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، خواهش آهي ته زراعت ۽ صنعت جا شعبا تيزي سان اڳيان وڌن، پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو پيو وڃي. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي واپار جي فروغ لاءِ قدمن واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير خرم دستگير، صنعت ۽ واپار جي ايوان (ايف پي سي سي آءِ) جو صدر زبير طفيل، آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل ملز ايسوسيئيشن جو چيئرمين عامر فياض شيخ، وزير، پارليامينٽ ميمبر ۽ ڪاروباري شخصيتون پڻ تقريب ۾ موجود هيون. وزيراعظم چيو ته 180 ارب رپين جي پئڪيج سان ڪاروبار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، ان کان اڳ آبادگارن جي ترقي لاءِ پڻ پئڪيج ڏنو ويو هو، خواهش آهي ته زراعت ۽ صنعت ٻئي شعبا تيزي سان ترقي ڪن جنهن سان بيروزگاري ۽ جهالت جو خاتمو ٿيندو ۽ ملڪ اڳيان وڌندو. هن چيو ته هاڻي حالتون بهتر آهن، 2013ع کان اڳ ملڪ کي بجلي جي لوڊشيڊنگ، دهشتگردي سان امن امان، بيروزگاري ۽ معاشي عدم استحڪام جهڙا وڏا مسئلا درپيش هئا، ملڪ جي مستقبل بابت قياص آرائيون ٿي رهيون هيون، اهي معمولي مسئلا نه هئا، ان حوالي سان گذريل حڪومتن کان پڇڻ گهرجي ته هنن ان طرف ڌيان ڇو نه ڏنو. وزيراعظم چيو ته هاڻي توانائي جي کوٽ جي مسئلي تي ضابطو آندو ويو آهي، ملڪي معيشت مستحڪم ٿي آهي ۽ اقتصادي انگن ۾ بهتري ۽ ترقي جو اعتراف عالمي ادارا ڪري رهيا آهن. هن ڪجهه ٽي وي چينلز پاران بنا جواز جي تنقيد جو حوالو ڏيندي چيو ته اسان تعميري تنقيد جي آجيان ڪريون ٿا پر اهڙو ماحول پيدا نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان ملڪ ۾ مايوسي پکڙجي، حڪومتي پاليسين تي تنقيد سڌارن جي لاءِ ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ اڄ تمام گهٽ ٿي چڪي آهي، جيڪا 2018ع ۾ ختم ٿي ويندي، اسان جو مقصد رڳو بجلي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ نه آهي پر ان جون قيمتون به گهٽ ڪرڻ آهي، بجلي جي قيمت 4 کان 5 رپيا في يونٽ گهٽ ٿي آهي جنهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي به ٿيندي، ان ڏس ۾ اسان اڳيان وڌي رهيا آهيون، بجلي جا ڪارخانا هنيا پيا وڃن. هن چيو ته تربيلا ۽ منگلا کان به وڏي منصوبي ڀاشا ڊيم جي تعمير جو فيصلو ڪيو آهي جنهن سان 4500 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، منصوبي کي ملڪي وسيلن سان پورو ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي، جڏهن ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ 30 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي، اها ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. هن چيو ته حڪومت ريلوي جي اپ گريڊيشن جو ڪم پڻ شروع ڪيو آهي جنهن سان ٽرينن جي رفتار ٻيڻي ٿي ويندي. ان موقعي تي وزيراعظم ملڪ ۾ رستن جي تعمير جي منصوبن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن منصوبن سان ملڪ جي سمورن حصن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو پيو وڃي. ان کانسواءِ ٻنيءَ کان منڊي تائين رستن جي تعمير جا منصوبا پڻ انتهائي اهميت وارا آهن. هن چيو ته بلوچستان مڪمل طور تي بدلجي رهيو آهي، پوري ملڪ ۾ تعمير ۽ ترقي جي منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪي معيشت بهتر ٿي آهي، عالمي ادارا پاڪستان جي معيشت جي بحالي ۽ ترقي جو اعتراف ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته زراعت کانپوءِ روانگي واپار جي شعبي لاءِ ڏنل پئڪيج تحت قدمن سان ڪاروبار ۽ معيشت تي مثبت اثر پوندا جنهن سان بيروزگاري جهڙن مسئلن جو خاتمو ٿيندو ۽ ملڪ ترقي ڪندو. ان کان اڳ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هن اهم تقريب منعقد ڪرڻ جي پٺيان تمام گهڻي محنت ٿيل آهي. هن چيو ته حڪومت گذريل ٻن سالن دوران روانگي واپار جي فروغ لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن، بجيٽ ۾ روانگي واپار جي 5 اهم شعبن کي زيرو ريٽ ڪيو ويو، ٽيڪسٽائيل جي شعبي کي ڪيتريون ئي مراعتون ڏنيون ويون، ان کانسواءِ زراعت جي شعبي جي ترقي لاءِ تاريخي پئڪيج ڏنو ويو، ان پئڪيج کي سڄي ملڪ ۾ ڀرپور موٽ ملي.