ڪراچي ۾ وحشي جوابدار معصوم نينگري کي لڄالٽ بعد زخمي حالت ۾ندي ۾ اڇلائي فرار****رينجرز جي ڪراچي اندر خصوصي اختيارن ۾ 90 ڏينهن جي واڌ، سمري منظور****جيڪو به ملڪ دشمن آهي ان کي نه ڇڏيندس: ايس ايس پي رائو انوار****پنجاب ۾ بلاول جي سياسي شروعات سان مخالفن ۾ هلچل آهي: مولا بخش چانڊيو
فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ تي ملڪي سياسي قيادت ۾ اختلاف، مخالف ڌر پاران حڪومت کان بريفنگ جو مطالبو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي ملڪي سياسي قيادت ۾ اتفاق نه ٿيو، اپوزيشن جماعتن ۽ اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس بي نتيجا ثابت ٿيا، مخالف ڌر فوجي عدالتن تي حڪومت کان بريفنگ جو مطالبو ڪيو آهي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته حڪومت ٻڌائي ته ججن ۽ گواهن جي سيڪيورٽي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا، شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ٻن سالن جو وقت ڏنو هو، حڪومت ڪجهه نه ڪري سگهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پارلياماني جماعتن ۾ شامل مخالف ڌر جي پارٽين حڪومت کان فوجي عدالتن بابت بريفنگ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، فوجي عدالتن جي قيام بابت اسپيڪر اياز صادق پارلياماني جماعتن سان مشاورت ڪئي، ان موقعي تي اياز صادق چيو ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي فيصلو اتفاق راءِ سان چاهيون ٿا، ان حوالي سان سمورين جماعتن سان مشاورت ڪرڻ چاهيون ٿا، مخالف ڌر جي جماعتن مشاورت لاءِ وقت گهريو آهي، اجلاس کانپوءِ خورشيد شاهه چيو ته اسان حڪومت کان فوجي عدالتن جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جا تفصيل گهريا آهن، سمورين مخالف ڌر جي جماعتن جي اڳواڻن حڪومتي موقف تي پارٽي قيادت سان مشاورت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فوجي عدالتن بابت ڪنهن به فيصلي تي اتفاق نه ٿيڻ ڪري اجلاس ٻيهر 17 جنوري تي سڏايوويو آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ فوجي عدالتن جي ضرورت ناهي، پر حڪومت جو مقصد آهي ته ادارا ٺهندا رهن ۽ ڪرپشن وڌندي رهي، اپوزيشن پنهنجي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اپوزيشن جماعتن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پ پ جي نويد قمر، تحريڪ انصاف جي شاهه محمود قريشي، شيرين مزاري ۽ جماعت اسلامي جي صاحبزاده طارق الله شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فوجي عدالتن ۾ واڌ لاءِ اپوزيشن جو گڏيل موقف طئي ڪرڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويا. ان موقعي تي خورشيد شاهه چيو ته سندن موقف آهي ته ملڪ ۾ فوجي عدالتن جي ضرورت ناهي پر حڪومت جو مقصد آهي ته ادارا ٺاهيندا رهو ۽ ڪرپشن وڌائيندا رهو. خورشيد شاهه چيو ته اپوزيشن پنهنجي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، پر حڪومت جو موقف به ٻـُڌو ويندو ۽ جيڪڏهن فوجي عدالتن جي قيام ۾ واڌ جي ڳالهه ٿي ته ان جي ڀرپور مخالفت ڪئي ويندي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي اجلاس جي حوالي سان ميڊيا کي ٻڌايو ته فوجي عدالتن جي قيام ۾ واڌ بابت حڪومت جي پنهنجي ميمبرن جي موقف ۾ تضاد آهي، ڪجهه حڪومتي ميمبر فوجي عدالتن جي واڌ جي مخالفت ۽ ڪجهه حمايت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله به پهريان فوجي عدالتن جو سخت مخالف هو پر هاڻي سندس لهجي ۾ تبديلي نظر اچي رهي آهي ۽ چوڌري نثار به فوجي عدالتن جا ڪيس اي ٽي سي ۾ منتقل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو ته پهريان به فوجي عدالتن جي مجبوري ۾ حمايت ڪئي هئي، هن ڀيري حمايت نه ڪئي ويندي.