خانڳڙهه جي معصوم پراٿنا سان انصاف نه ٿيو، وارثن کي ڌمڪيون، بااثرن پاران راڄوڻي لاءِ دٻاءُ****پيپلز پارٽي پاران اي پي سي ۾ شرڪت لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي دعوت ڏني وئي****آسڪر ايوارڊ تقريب ۾ غلط اعلان، بهترين فلم لالالينڊ قرار، ايوارڊ مون لائٽ کي ڏنو ويو****اي سي او سمٽ لاءِ سيڪيورٽي پلان جي منظوري، سڀاڻي جاڙن شهرن ۾ عام موڪل جو اعلان
وزيراعظم کي تقرير جي بنياد تي نااهل ڪرڻ جو مثال قائم نه ڪنداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته تقرير جي بنياد تي ڪنهن کي نااهل قرار ڏيڻ جو مثال قائم ڪرڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، تقرير تي فوجداري ڪيس ڪيئن ٿو بڻجي سگهي، رقم جي منتقلي نوازشريف ڪئي ته حساب ٻارن کان ڪيئن ٿو وٺي سگهجي، جسٽس اعجاز افضل چيو ته اسان پاناما پيپرز ۾ وزيراعظم جي ذميواري جو جائزو وٺي رهيا آهيون، ڇا اوهان چاهيو ٿا ته اسان وزيراعظم جي قومي اسيمبلي ۾ ڪيل تقرير تي فيصلو ٻڌايون؟ سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس آصف سعيد کوسا گذريل ڏينهن آرٽيڪل 62 ۽ 63 بابت ڏنل ريمارڪس واپس وٺندي چيو آهي ته کيس پنهنجن لفظن تي شرمندگي آهي، جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته هو نيب کي جاچ جو چئي سگهن ٿا پر ريفرنس داخل ڪرڻ جو نه چوندا، مني لانڊرنگ بابت جاچ ته گهڻي ٿي پر نتيجو ڪو به نڪتو. جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ، پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته کيس گذريل ڏينهن آرٽيڪل 62 ۽ 63 بابت آبزرويشن نه ڏيڻ گهرجي ها، هو پنهنجي لفظن تي شرمنده آهي ۽ لفظن کي واپس وٺي ٿو. عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري پنهنجي دليلن ۾ چيو ته اسحاق ڊار جي مني لانڊرنگ بابت رپورٽ تيار ٿي هئي، جنهن کي سيپٽمبر 1998ع ۾ ان وقت جي صدر رفيق تارڙ ۽ چيف جسٽس ڏانهن اماڻيو ويو هو، اها رپورٽ ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر رحمان ملڪ لکي هئي. ان موقعي تي جسٽس گلزار نعيم بخاري کي تنبيهه ڪئي ته عدالت جڏهن ڪو سوال پڇي ته ان جو جواب ڏنو وڃي. جسٽس اعجاز افضل پڇاڻو ڪيو ته پاناما ليڪس لنڊن فليٽس تائين محدود آهي، اسحاق ڊار جي بيان جي ڪهڙي اهميت آهي، ڇا هو شريڪ جوابدار آهي، هنن کي مطمئن ڪيو وڃي ته نيب کي حديبيا ڪيس ۾ اپيل ڪرڻ گهرجي ها، جيڪڏهن اوهان ٻين معاملن تي دليل ڏيندئو ته معاملو ٻئي هنڌ هليو ويندو. جسٽس اعجاز افضل چيو ته سپريم ڪورٽ جو تقدس هر حال ۾ برقرار رکڻو پوندو، نيب کي جاچ لاءِ چئي سگهجي ٿو پر ريفرنس داخل ڪرڻ جو نه چيو ويندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ نيب ۽ ٽرائل ڪورٽ جو ڪم نه ٿي ڪري سگهي، اوهان نيب وٽ وڃو ۽ درخواست ڏيو. نعيم بخاري چيو ته اسحاق ڊار بيان ۾ مني لانڊرنگ ۾ ڪردار جو اعتراف ڪيو، ماضي ۾ ته عدالت اخباري ڪٽنگس تي به فيصلا ڪندي هئي، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي مطمئن ڪيو وڃي قوم کي خطاب نه ڪريو. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته سپريم ڪورٽ ڪرمنل ڪورٽ ناهي، پوليس آفيسر جي راءِ کانسواءِ ثبوتن جي ڪا قانوني اهميت ناهي، رستو اهو ئي آهي ته نيب چيئرمين فيصلي خلاف اپيل ڪري، اپيل جاچڻ بعد فيصلو ڪيو ويندو ته ٻيهر جاچ جو حڪم ڏجي يا نه. جسٽس آصف سعيد کوسا پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان چاهيو ٿا ته قانون کان مٿانهون ٿي جاچ ڪئي وڃي؟ ڇا رحمان ملڪ وزير جي حيثيت سان اهو معاملو اٿاريو؟ ڇا مني لانڊرنگ تي ٿيندڙ جاچ انجام تائين پهتي؟ نعيم بخاري جواب ڏنو ته گهرو وزير بڻجڻ بعد رحمان ملڪ کي هـِي معاملو اٿارڻ گهرجي ها، گڏيل حڪومت ٺهي ته نواز ليگ حڪومت جو حصو هئي. جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته هو سياسي معاملي ۾ نه ٿا وڃڻ چاهين، مني لانڊرنگ بابت جاچ ته گهڻي ٿي پر نتيجو ڪو نه نڪتو،هنن جو ڪم ڪرپشن ثابت ڪرڻ ناهي. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.