سنڌ تي 15 ارب روپيا اوور ڊرافٽ، غير ترقياتي فنڊ مان پگهارون ڏنيون وينديون، امن لاءِ 48 ارب روپيا مختص
ڪراچي (رپورٽ: ضياءُ قريشي) سنڌ سرڪار واضح ڪيو آهي ته وفاق طرفان 270 ارب رپيا نه ملڻ ڪري ڪيترائي منصوبا اڻپورا آهن. سنڌ حڪومت ڪانٽريڪٽي ملازمن کي پڪو ڪرڻ واري واعدي تي قائم آهي، ڪراچي ۾ سنڌ لئنگويج ٽيچرز سميت ٻين استادن جي ڀرتين جي جاچ ڪئي پئي وڃي، وفاق طرفان سنڌ جي حصي جا گهٽ پئسا ملڻ ڪري ترقياتي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيا ۽ ايندڙ سال لاءِ 185 ارب رپيا ترقياتي اسڪيمن لاءِ بجيٽ ۾ رکيا آهن، اوور ڊرافٽ 15 ارب رپيا آهي، سنڌ سرڪار ايندڙ سال غير ترقياتي خرچ گهٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي