|
شام جو عدالتون لڳائڻ جو فيصلو، 160 نوان جج مقرر ٿيندا ڪراچي (بيورو رپورٽ) قانون واري صوبائي وزير اياز سومرو چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت عوام کي آسان ۽ سستو انصاف فراهم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ عوام جي سهوليت کي نظر ۾ رکندي حڪومت شام جي وقت به عدالت ۾ ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙو اظهار ڪالهه هن پنهنجي آفيس ۾ مختلف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشنز جي وفدن سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته عدالتن ۾ شام جي وقت ڪيس هلائڻ جو مقصد عوام کي جلد ۽ بروقت انصاف فراهم ڪرڻ آهي ۽ جيڪي ماڻهو سالن کان وٺي عدالتي فيصلن جي انتظار ۾ آهن، انهن جي ڪيسن جي فوري ٻڌڻي ٿي سگهي. هن چيو ته شام جي عدالتن ۾ 40 ايڊيشنل سيشن جج، 60 سينئر سول جج ۽ 60 سول جج مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.01 |
||
|
||
| ` |