|
تنگواڻي تعلقي ۾ هڪ لک 51 هزار 134 ايڪڙ زمين تباهه ٿي، ٺل تعلقي ۾ 3 لک 7 هزار 20 ايڪڙ زرعي زمين کي نقصان رسيو،400 ڪلوميٽر روڊ، 160 اسڪول ۽ 20 صحت مرڪز متاثر غوثپور: تنگواڻي تعلقو 6 يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي جنهن ۾ گلي والي، للو، صيفل، دينپور، ڪرمپور ۾ 18 ديهون ۽ آدمشماري هڪ لک 81 هزار 489 آهي جڏهن ٻوڏ ۽ برسات سبب هڪ لک 51 هزار 134 ايڪڙ زمين تباهه ٿي آهي. ٺل تعلقي جي ٻوڏ سب 3 لک 40 هزار آبادي متاثر ٿي 3 لک 7 هزار 20 ايڪڙ زرعي زمين ختم ٿي وئي آهي 4 سو ڪلوميٽرن ۾ روڊ 760 اسڪول، 20 ننڍيون اسپتالون متاثر ٿيون آهن. |