|
سانگهڙ ۾ مشهور واپاري جي گهر ۾ ڌاڙو،ڀاتي ڪمري ۾بند،تشدد،لکين روپيا ڦر سانگهڙ(ڊ ر) سانگهڙ شهر ۾ ميرپورخاص روڊ تي حر مسجد ڀرسان رهندڙ مشهور سيٺ جيرام داس جي گهر ۾ رات جو چار نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي گهڙي، گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي سخت مارڪٽ ڪئي ۽ لکين روپين جا سونا زيور ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ بعد گهر ڀاتين کي ڪمري ۾ بند ڪري فرار ٿيڻ لڳا ته سيٺ جيرام داس ان وقت هڪ هٿياربند کي قابو ڪري ڪمري ۾ دسي ورتو ۽ پاڙي جا ماڻهو گڏ ٿي ويا، جنهن بعد هٿياربندن پنهنجي ساٿي کي ڇڏائڻ لاءِ فائرنگ ڪئي ۽ سيٺ جيرام داس کي هٿيارن جي بٽ هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. پاڙي وارن ٻڌايو ته اسان ڪيتري دير تائين 15 تي فون ڪندا رهياسين پر ڪنهن به فون اٽينڊ نه ڪيو. جڏهن ته هٿياربندن کان مزاحمت دوران ڦر ڪيل هٿيار پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته سانگهڙ شهر ۾ ٻن مهينن اندر ڌاڙي جون 8 وارداتون ٿيون آهن. |