جيڪب آباد ويجهو مغيري - کوسا تڪرار تيز، فائرنگ، نوجوان مارجي ويو، 3 زخمي


جيڪب آباد(ڊ-ر) جيڪب آباد  جي مولاداد ٿاڻي جي حد ۾ جهان شاهه پل لڳ  ٽي ڏينهن اڳ کوسا ۽ مغيري  برادري جي پراڻي خوني تڪرار ۾  کوسا برادري  جي هڪ نوجوان جي قتل ٿيڻ بعد ڪالهه وري ٻنهي ڌرين ۾ انهيءَ وقت  نئين سر تڪرار ڀڙڪي پيو، جنهن وقت ڪالهه صبح  سج اڀرڻ مهل مغيري برادري جي هلندڙ مسافر  بس جيئن ئي ڳوٺ جهان شاهه پل لڳ پهتي ته کوسا برادري  جي هٿياربندن مسافر بس تي ڇتي فائرنگ شروع ڪري ڏني. جنهن سبب  ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته اطلاع تي  مغيري  برادري جي هٿياربندن جهان شاهه پل تي  کوسا برادري جي هلندڙ مسافر بس جي اچڻ  جو انتظار ڪيو جيئن ئي بس  پهتي ته مغيري برادري جي هٿياربندن مسافر بس تي ڇتي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جڏهن ته هڪٻئي تي فائرنگ ۾ اسلم پٽ غلام قادر مغيري گوليون لڳڻ سبب موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته هڪ عورت جنت  خاتون زال فقير محمد مغيري سميت مغيري برادري جي چڱي مڙس  محمد ايوب مغيري جو  پٽ عبدالجبار مغيري ۽ کوسا برادري جي ڌر جو حاجي غازي خان  کوسو گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فوتي  جي لاش سميت زخمين کي سول اسپتال جيڪب آباد آندو ويو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ۽  زخمين کي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. هوڏانهن ٻنهي ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار سبب ڇتي فائرنگ کي روڪرائڻ لاءِ  پيپلز پارٽي جيڪب آباد جو ضلعي صدر محمد اسلم ابڙو ۽ کوسا برادري جي سردار محمد مقيم کوسي جي پٽ سردار زاده سخي عبدالرزاق خان کوسي سميت چئن ٿاڻن جي پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي فائرنگ کي روڪرائي ورتو.(گ)

  ڏيهي - پرڏيهيعلائقائيتصويرون - ايڊيٽوريل - مضمون - ڪارٽون - ايڊيشن - اشتهار

Copyright © 2006 The Ibrat Group of Publications.
All Rights Reserved
.
Ibrat Building Gadi Khata Hyderabad, Pakistan .
 Ph: 92-022-2728571-2, 2728703-4, Fax. 92-022-2784300  
Email: ibrat@hyd.wol.net.pk